شھدادپور (ن پ ا) شھدادپور ۾ مسجد اندر کٿابي نينگر سان بدفعلي وارو معاملو، الزام هيٺ آيل مولوي عدالت ۾ پيش، 5 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي، خبر موجب شهر جي نسيم نگر پاڙي ۾ مسجد اندر 13 ورهين جي نينگر کٿابي حسنين ڪوري سان بدفعلي ڪندڙ جوابدار مولوي خالد مغيري کي سول جج جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جتي جاچ آفيسر جي استدعا تي عدالت 5 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي جوابدار کي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي اڳڀرائي رپورٽ ۽ ڪيس جو چالان پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو، واضح رهي ته گذريل ڏينهن مولوي خالد مغيري مسجد اندر 13 ورهين جي کٿابي حسنين ڪوري کي مبينا بدفعلي جو نشانو بڻايو ھو.