شھدادپور (ن پ ا) شھدادپور لڳ گذريل ڏينهن مبينا گم ٿيل عورت جو ڄام برانچ مان لاش هٿ، خبر موجب  ڳوٺ امام بخش بروهي وٽان ڄام برانچ مان عورت جو لاش هٿ ڪيو ويو، علائقي واسين لاش لڙهندو ڏسي ٻاهر ڪڍيو، جنهن جي سڃاڻپ ڳوٺ عيسيٰ بروهي واسڻ مسمات ماها خاتون بروهي طور ٿي، وارثن طرفان سڃاڻپ بعد مڙھ گهر نيو ويو، وارثن موجب عورت جو ذهني توازن درست نه ھو جيڪا گذريل ڏينهن گهران اوچتو نڪري وئي هئي، هنن ٻڌايو ته ڪافي ڳولا باوجود هوءُ نه ملي سگهي هئي، سندس لاش ڄام برانچ مان ھٿ آيو،