شھدادپور (ن پ ا) شھدادپور ڀرسان خيبر ميل ٽرين سان حادثو، هڪ بوگي ٽريڪ تان لهي وئي، جاني نقصان نه ٿيو، متاثر بوگي ڌار ڪري 6 ڪلاڪن بعد ٽرين منزل طرف رواني، خبر موجب شھدادپور ريلوي اسٽيشن وٽ گذريل رات دير سان ڪراچي کان پشاور ويندڙ خيبر ميل ٽرين جي بوگي پٽڙي تان لهي وئي، گهٽ رفتار سبب ٽرين وڏي حادثي کان بچي وئي، بوگي لهڻ سبب اپ ٽريڪ تي ريل گاڏين جي آمد بند ڪئي وئي، جنهن دوران سکر ايڪسپريس کي ٽنڊوآدم ۾ بيهاريو ويو، بوگي لهڻ سبب ڪيترن ئي ڪلو ميٽرز تائين ريلوي ٽريڪ متاثر ٿي ۽ سليپرز کي نقصان رسيو، ذريعن موجب اڏيري لعل اسٽيشن وٽ خرابي بعد مرمت ڪري ٽرين رواني ڪئي وئي هئي، جنهن بعد شھدادپور ويجهو ويل باڪس ۾ لڳل اسپرنگ نڪرڻ سبب بوگي ٽريڪ تان لهي وئي، ريلوي عملدارن موجب 6 ڪلاڪن جي ڪوششن بعد بوگي کي ڌار ڪري ٽرين کي منزل طرف روانو ڪيو ويو ۽ 10 ڪلاڪن جي مرمتي ڪم بعد ٽريڪ بحال ڪيو ويو.