شهدادپور (رپورٽ: حميد کوسو) شھدادپور ڀرسان تباهه ٿيل واهه جي موري ٻن نينگرن جي حياتي کسي ورتي، ريتي سان ڀريل ٽرڪ ڪلٽي، 2 نينگر دٻجي فوت، وارثن ۾ ڪهرام، خبر موجب ڳوٺ احمد پور وٽ ڄام برانچ واهه جي موري زبون حالي سبب وڏا کڏا هئڻ ڪري ريتي سان ڀريل ٽرڪ ڪلٽي ٿي پئي، جنهن ۾ ٽرڪ هيٺان اچي ڳوٺ غلام حيدر باگراڻي واسي واٽهڙو 2 نينگر دٻجي فوت ٿي ويا، اطلاع تي علائقي واسين پوليس ۽ ايڌي رضاڪارن جي مدد سان ڪرين مشين ذريعي هڪ نينگر جو لاش ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو، جنهن جي سڃاڻپ 12 ورهين جو ضامن پٽ عرفان باگراڻي طور ٿي، جڏهن ته ٻئي نينگر جو لاش ڄام برانچ واهه ۾ لڙهي ويو، جيڪو مقامي ڳوٺاڻن جي مدد سان چئن ڪلاڪن بعد ڪڍيو ويو، فوتي نينگر جي سڃاڻپ 14 سالا نور محمد پٽ ميهر باگراڻي جي نالي ڪئي وئي، وارثن موجب نينگر چوپائي مال لاءِ پلڙا چونڊڻ لاءِ وڃي رهيا هئا ته حادثي جو شڪار ٿي ويا، فوتين جا مڙھ ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا، مڙھ گهر پهچڻ تي وارثن ۾ ڪهرام مچي ويو، جڏهن ته ٽرڪ ڊرائيور موقعي تان فرار ٿي ويو، علائقي واسين دانهيو ته ڪيتري ئي عرصي کان احمد پور موري تباهه حال هجڻ ڪري آبپاشي ۽ روڊس کاتي کي نئين سر تعمير لاءِ اپيل ڪئي پر ڪو به ڌيان نه ڏنو ويو، جنهن سبب 2 زندگيون ضايع ٿيون.