شھدادپور (ن پ ا) شھدادپور ٿاڻي تي عدالتي ڇاپو، باندي هٿ نه آيو، خبر موجب ڳوٺ خان رند واسي رب ڏتو رند پاران عدالت ۾ داخل ڪرايل درخواست تي سول جج فياض علي ميتلو ٿاڻي تي ڇاپو هڻي لاڪپ سميت سموري ٿاڻي جي چڪاس ڪئي پر باندي بڻايل حسين ڏنو رند هٿ نه آيو، جنهن بعد سول جج ايس ايچ او کي اڄ رڪارڊ سميت ايڊيشنل سيشن ڪورٽ ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، درخواست گذار موجب شھدادپور پوليس سندس پٽ حسين ڏنو رند کي 27 مارچ تي فون ڪري پاڻ وٽ گهرائي گرفتار ڪري گم ڪري ڇڏيو آهي.