شھدادپور (ن پ ا) شھدادپور ۾ ضابطه اخلاق جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي اليڪشن ڪميشن نوٽيس ورتو، چونڊ سرگرين ۾ سرڪاري مشينري استعمال ڪرڻ تي چيف ميونسپل آفيسر شھدادپور کان جواب طلب ڪيو ويو. ميونسپل ڪاميٽي شھدادپور پاران سياسي پارٽي جي چونڊ سرگرمين ۾ سرڪاري وسيلا استعمال ڪرڻ وارين شڪايتن تي ڊسٽرڪٽ مانيٽرنگ آفيسر اختر علي نوٽيس ورتو، سي ايم او کي ايڪسپلينيشن نوٽيس جاري ڪندي جواب داخل ڪرائڻ لاءَ اڄ ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي، نوٽيس ۾ ڄاڻايو ويو ته کين شڪايتون موصول ٿيون ته ميونسپل ڪاميٽي شھدادپور پ پ جي چونڊ سرگرمين لاءَ سرڪاري وسيلا استعمال ڪري رهي آهي، جيڪا اليڪشن ڪميشن جي پيرا 9 جي ڀڃڪڙي آهي، اليڪشن ڪميشن شھدادپور ٿاڻي جي انچارج کي پابند ڪيو ته جاري ٿيل نوٽيس جي تعميلات يقيني بڻائي وڃي.