شهدادپور (ن پ ا) شھدادپور جي عدالت پسند جي شادي ڪندڙ ناري جي مڙس مٿان اغوا جو ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ ڏنل وارثن جي درخواست رد ڪري ڇڏي، شھر جي جٽيا پاڙي واسي فياض سولنگي پاران داخل ڪرايل درخواست تي ايڊيشنل سيشن ڪورٽ ۾ ٻڌڻي ٿي، جتي اغوا الزام هيٺ آيل عبدالله انصاري ۽ پرڻو ڪندڙ ناري پيش ٿيا، ٻڌڻي دوران ناري اسماءَ عدالت کي آگاھ ڪيو ته کيس ڪنهن به اغوا ناهي ڪيو، مرضي سان عبدالله انصاري سان شادي ڪئي آهي، مڙس وٽ وڃڻ جي اجازت ڏني وڃي، جنهن بعد عدالت درخواست رد ڪندي ناري کي مڙس سان گڏ رهڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي.