شھدادپور واقعي جي جاچ پوليس ڪندي يا وارث؟

0
209
شھدادپور واقعي جي جاچ پوليس ڪندي يا وارث؟

جبري مذھبي تبديلي سنڌ اندر ڀرچونڊي ۽ ساماري جي پيرن جي درن تي پنھنجا نشان ڇڏيندي ھاڻي تعليم و تدريس جي شعبي جي چانئٺ تائين پھتي آھي. شھدادپور جي ٽن نياڻين ۽ ھڪ ٻارڙي وارو تازو واقعو انھيءَ جو نه وسرندڙ مثال آھي. ھن واقعي ۾ غور ڪرڻ وارن لاءِ ڪئين نشانيون موجود آھن.

                 سانگھڙ پوليس ھن واقعي کي مڪمل طور تي سطحي انداز سان ڊيل ڪيو آھي. پوليس وٽ ٻڌائڻ لاءِ ڪاميابي اھا آھي ته نياڻيون ۽ ننڍڙو گوشـهء عافيت ڪراچي مان بازياب ڪرائي شھدادپور جي عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيا آھن. بس پوليس جو ڪم ختم ٿيو. ڳالھ ائين پئي دھرائي وڃي ڄڻ چار ٻڪريون يا رڍون گم ٿي ويون ھيون، جيڪي پوليس ھٿ ڪري مالڪن کي پھچائي ڇڏيون آھن. سانگھڙ جو ايس ايس پي ان انتظار ۾ ويٺل ھوندو ته اجھو گلن جا ھار ۽ اجرڪون کڻي شھدادپور جا شھري ڪاميابيءَ تي مبارڪون ڏيڻ پھتا. ساڳيو انتظار مقامي ايس ايڇ او کي به ھوندو.وارثن وٽ نياڻين جو موبائل فون ڪال رڪارڊ، لوڪيشنس وغيره موجود آھن، پاڙي جي سي سي ٽي وي ڪئميراز جون رڪارڊنگس موجود آھن. پھرين ڇوڪري دشينا (عدالتي فيصلي مطابق سدره) گھران نڪري مٿي ۽ منھن کي سفيد ڪپڙي سان ڍڪي، لڪائي ڪارو ٿيلھو ڪلھن تي کڻي گھمندڙ ڪھڙي ڇوڪري سان پئي وڃي؟ اڳيان وڃي اھا ڇوڪري سفيد رنگ جي جي ايل آءِ ڪار ۾ ڪنھن سان وڃي ٿي، جنھن ۾ 13 سالن جو ھرجيت ڪمار عرف ھني (عدالتي فيصلي بعد عبدالرافع) به چڙھي ٿو. سانگھڙ پوليس کان وڌيڪ ھن معاملي جي جاچ سانگھڙ جي ھندو پنچائت جي نوجوانن ڪئي آھي ۽ انھن وٽ ھن واقعي جون ٺوس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جون شاھديون موجود آھن پر سانگھڙ پوليس جاچ جي حوالي سان ڪک ڀڄي ٻيڻون ناھي ڪيو.

بي گھر ۽ بي سھارا عورتن لاءِ قائم جماعت اسلامي جي گوشـهء عافيت نياڻين کي ڪنھن پھچايو، گوشـهء عافيت جي انتظاميا نياڻين جي اتي اچڻ جو شاھراھ نورجھان ٿاڻي ڪراچي کي ڪو اطلاع ڏنو يا نه؟ اھا جاچ سانگھڙ پوليس کي ڪرڻي ھئي. جيڪا نه ڪئي وئي. پوليس عدالت ۾ اڌورو رڪارڊ پيش ڪري لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي جي شاگردياڻي جيا (ھاڻي مريم)، جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي جي سائڪالاجي شعبي جي پھرئين سال جي شاگردياڻي ديا (ھاڻي خديجه)، مئٽرڪ پاس 16 سال ڇھن مھينن جي دشينا (ھاڻي سدره) ۽ 13 سالن جي ھرجيت ڪمار (عبدالرافع) جو 164 جو بيان ڪري ڪيس اڪلائي ڇڏيو. پوليس جيڪي ملزم گرفتار ڪيا ھئا اھي به آزاد ٿي ويا. وارثن پاران داخل ٿيل ايف آئي آر ختم ٿي وئي. ھاڻي ھي ڪيس اڳتي ھلندو يا نه ڪنھن کي في الحال ڪائي خبر ناھي. سنڌ ۾ انساني حقن جي ڪميشن، ٻارن جي حقن جي نيشنل ڪميشن اڳتي اچي ھن ڪيس کي ھڪڙو مثال بڻائين. ڪيس جي جاچ ٿيڻ گھرجي، جيڪڏھن پوليس عدالتي فيصلي بعد ڪن قانوني مونجھارن جي ڪري جاچ اڳتي نٿي وڌائي سگھي ته ٻئي ڪميشنون پنھنجي فورم تان جاچ ڪري، تحقيق ڪري سنڌ جي ماڻھن کي ٺوس حقيقتون ٻڌائين ته شھدادپور واقعو ٿيو ڪيئن ھو.

سنڌ حڪومت جو انساني حقن وارو کاتو به ان حوالي سان ڪجھ ڪري سگھي ٿو. انساني حقن جي ڪميشن جا ٻئي ڌڙا چاھين ته اھي به اڳتي اچي ڪجھ ڪم ڪري سگھن ٿا. پاڪستان جي اندر جبري مذھبي تبديلين ۾ سنڌ کي دارالخلافـه سمجھيو ويندو آھي. ھر ھفتي سنڌ اندر مذھبي تبديلي جا واقعا رپورٽ ٿي رھيا آھن. سنڌ جا اصلوڪا رھواسي مسلسل عقيدائي جبر مان پيا گذرن پر سرڪار صوبي ۾ سڀ چين پئي چئي.

نياڻين ۽ ٻار جا والدين پوليس کي 19 ۽ 20 جون واري رات شھدادپور ٿاڻي تي منٿون ڪندا رھيا پر پوليس انھن کي ملاقات نه ڪرائي. آئي جي سنڌ غلام نبي ميمڻ ٻارن جي حقن لاءِ ڪم ڪندڙ قومي ڪميشن (نيشنل ڪميشن آن دي رائٽس آف چائلڊ) جي وفد کي اھو چئي پنھنجي ذميواري پوري ڪري ڇڏي ته بازياب ڪرايل چئني (مغوي لکي سگھبو الائي نه؟) فردن کي شھدادپور ٿاڻي تي وارثن سان ملاقات ڪرڻ جي اجازت ھئي پر انھن ملاقات کان انڪار ڪري ڇڏيو. ھوندو ائين جيئن آئي جي صاحب چيو آھي پر شھدادپور ٿاڻي تان معلوم ڪرائي ته اھو ڪھڙو پوليس آفيسر ھو، جنھن شھدادپور مان نڪرندڙ پھرين نياڻي جي رات جو ساڍي يارھين وڳي سندس ماءُ سان واٽس ايپ تي ڳالھ ٻولھ ڪرائي ھئي، جيڪڏھن پوليس ھن ڪيس ۾ ٿورو متاثر والدين جي رھنمائي ۽ مدد ڪري ھا ته شايد عدالت ۾ بيان ڪجھ ٻيا ھجن ھا ۽ ھن وقت ڪيس جي صورتحال اھا نه ھجي ھا جيڪا اڄ آھي.

سانگھڙ پوليس ھن واقعي جي سنجيده جاچ نه ڪري جيڪا غفلت ڪئي آھي، انھيءَ جو جنھن آئي جي سنڌ کي نوٽيس وٺڻ گھرجي انھيءَ وارثن سان ملاقات ڪرائڻ وارو ڪوڙو احسان ڳڻائي ٿورو ڪري ڇڏيو. سنڌ جي جنھن گھرو وزير کي آئي جي کان رپورٽ طلب ڪري سنڌ اسيمبليءَ ۾ ڪا چٽي ڳالھ ڪرڻ گھرجي ته واقعو ٿيو ڪيئن، انھي ننڍي عمر ۽  وڏي عمر بابت ۽ فرد جي مرضي بابت آئين جا آرٽيڪل پڙھي ٻڌائي پاڻ تان بار لاھي ڇڏيو.

شھدادپور جي سوائي روڊ تي رات جي وقت گھمندي ائين لڳو ھتان جي گھٽين کي ڪو نانگ سراپي ويو آھي. سوائي صاحب جي نالي سان منسوب ھن روڊ تي ھندوئن جي مڙھي پڻ آھي. جنھن جو پھريون گادي نشين سوائي صاحب آھي. پاڪستان ٺھڻ کان گھڻو اڳ سوائي صاحب جھونا ڳڙھ مان لڏي اچي شھدادپور ۾ پکڙا اڏيا ھئا. ھن مڙھي کي ٻاون جي مڙھي چيو ويندو آھي. اھي ٻاوا جيڪي عمر ڀر شادي ناھن ڪندا، تنھنڪري کين نانگا فقير سڏيو ويندو آھي. شھدادپور جي قديم آبادين ۾ سوائي روڊ وارو علائقو شامل آھي، جتي ھي لوھاڻه به آباد آھن جن جي گھرن ۾ 18 جون تي ذھني زلزلو آيو آھي.”اسين ھتان جا قديم رھواسي آھيون، ھتي اسان جون نياڻيون ۽ ٻار محفوظ نه آھن. لطيف سرڪار جا پاڙيسري آھيون انھي وٽ دانھين ٿي چئون ٿا، اي لطيف سرڪار سنڌ ھاڻي تنھنجي ناھي رھي.” شھدادپور مان واپسي کانپوءِ فون تي ٿيل ڳالھ ٻولھ دوران ھيمن روئندي چيو.