شھدادپور (ن پ ا) شھدادپور سمس اسپتال ۾ علاج دوران پيرسن فوت، وارثن جو لاش وصول ڪرڻ کان انڪار، لاوارث قرار ڏيڻ بعد ڀينرون لاش کڻائي ويون، خبر موجب سائينسز اسپتال ۾ 2 ڏينهن تائين علاج هيٺ رهندڙ پيرسن ناگي شاھ پاڙي واسي 55 ورهين جو علي بخش لاکو فوت ٿي ويو، پوليس پاران سندس وارثن کي آگاھ ڪيو ويو پر فوتي جي ڀاءُ غربت سبب لاش وصول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، جنهن بعد مڙھ لاوارث قرار ڏئي ايڌي حوالي ڪيو ويو، ايڌي سرڪل انچارج علي محمد خاصخيلي موجب 19 نومبر تي پوليس جي اطلاع تي پيرسن کي اسٽيشن روڊ تان کڻي سمس اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾ منتقل ڪيو جتي تيماداري لاءِ سندس ڪو به مائٽ نه آيو، ٻئي طرف فوتي پيرسن جي ڀينرن مسمات سڪينه ۽ مسمات حُسنا ايڌي سينٽر پهچي ڀاءُ جو مڙھ وصول ڪيو، هنن ٻڌايو ته ڀاءُ ڊرائيوري ڪندو هو، پيٽ ۾ پَٿري توڙي مختلف بيمارين سبب پريشاني ۾ مبتلا هو، اسپتال ۾ زير علاج رهڻ بعد فوت ٿي ويو، وارث انتهائي مسڪين هجڻ ڪري ڊائريڪٽر سمس بشير جمالي ڪفن دفن جو بندوبست ڪيو ۽ اسپتال ۾ نمازي جنازا ادا ڪرڻ بعد مڙھ وارثن حوالي ڪيو ويو، جنهن کي گل محمد شاھ بخاري قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.