شگر کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ مستقل مزاجي به اهم آهي

0
35
شگر کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ مستقل مزاجي به اهم آهي

 ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن موجب، پوري دنيا ۾ 422 ملين ماڻهو شگر جي موذي مرض ۾ مبتلا آهن. انهن جو انگ ڏينهون ڏينهن وڌنڌو پيو وڃي، جيڪا انتهائي ڳڻتيءَ جوڳي ڳالهه به آهي. ان جي باوجود شگر وارو مرض ڪيترين ئي غلط فهمين جو شڪار به آهي، ماڻهو ان موذي مرض کي هلڪو به وٺندا آهن، ان لاءِ جيترو احتياط ڪرڻ گُهربو آهي، اهو به ناهي ڪيو ويندو، جنهن جي نتيجي ۾ اهو مرض پيو وڌنڌو رهندو آهي.

                 شگر جو عالمي ڏينهن به ملهائجي ٿو. ان جو اهم مقصد ان مرض جي راهه ۾ ايندڙ “رڪاوٽن کي ختم ۽ ان جو توڙ” ڪرڻ انتهائي ضروري آهي ۽ اڄ جي جديد دنيا ۾ هر شئي ممڪن آهي. پوري دنيا ۾ ان مرض جي شڪار ماڻهن کي پنهنجي سر سار سنڀال ڪيئن ڪجي وارن معاملن ۾ بااختيار بڻائڻو آهي. شگر وارو مرض ڪو منجهيل معاملو به ناهي، جنهن لاءِ پريشان ٿيڻ گهرجي، صحيح مدد، دوا ۽ بهتر خوراڪ جي ذريعي ڪو به ماڻهو ان مرض کي ڪنٽرول ڪري سگهي ٿو. شگر جي حوالي سان اسان وٽ ڪيترا ئي سوال هوندا آهن پر اسان اڄ هتي صرف 10 سوال گڏ ڪيا آهن ۽ انهن کي جوابن جي مدد سان حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. جنهن جو مقصد صحت کي بهتر کان بهتر ڪرڻ آهي.

شگر جا ڪيترا قسم آهن؟

عام طور تي ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي جي ڪري به شگر جو مرض پيدا ٿيندو آهي، اڄڪلهه جي دور ۾ اڪثر ڪري ماڻهو پريشانيءَ جو شڪار هوندا آهن، جنهن ڪري ماڻهو پنهنجي صحت جو خيال ڪرڻ ڇڏي ڏيندو آهي ۽ ائين انهن جي جسم ۾ شگر گهٽ وڌ ٿي ويندي آهي. پر جيڪڏهن هو پنهنجي زندگي کي بهتر انداز ۾ گذاري ۽ خوراڪ جو خيال ڪن ته ان کي اتي ئي ڪنٽرول به ڪري سگهجي ٿو. نوجوانن ۾ شگر جو مرض وڌي رهيو آهي، انهن جي قوت مدافعت وارن معاملن ۾ شگر وڌي ويندي آهي، ان حالت ۾ ان نوجوان کي انجيڪشن جي ضرورت پوندي آهي. ڇو جو انهن جا جسم انسولين پيدا ناهن ڪندا. عورتن ۾ شگر هارمونل تبديلين جي ڪري حمل دوران ٿيندي آهي. ان ۾ ماءُ لاءِ مستقبل ۾ ٽائيپ 2 ٿيڻ جو خطرو وڌي سگهي ٿو. ان لاءِ شگر جي قسم کي سمجهڻ انتهائي ضروري هوندو آهي.

شگر ٿيڻ جا سبب ڪهڙا آهن ؟

شگر اڪثر ڪري جينياتي ۽ طرز زندگي سان جڙيل هوندي آهي. ماحولياتي ۽ جينياتي سبب ٽائيپ 1 شگر جا سبب بڻجندڙ آٽو امينيو ردعمل کي وڌائي سگهن ٿا. ٽائيپ 2 جينياتي طريقن سان گڏ زندگي گذارڻ وارن طريقن جهڙوڪ، خوراڪ ۽ ورزش به اهم ڪردار ادا ڪندي آهي. شگر جي خانداني تاريخ اهڙن خطرن کي وڌائي سگهي ٿي. پر ان کي ڪنٽرول ڪري سگهجي ٿو. شگر جي ٽائيپ 2 ۾ صحتمد زندگي گذارڻ وارا طريقا انتهائي اهم آهن. ان لاءِ روزاني جي بنياد تي بهتر خوراڪ جو استعمال ۽ جسماني ورزش انتهائي ضروري هوندي آهي.

شگر هجڻ جي ڪيئن خبر پوي؟

شگر جي علامتن ۾ گهڙي گهڙي اڃ لڳڻ، گهڻا پيشاب اچڻ، ٿڪ ٿيڻ، اکين سان ڌنڌلو نظر اچڻ ۽ وزن گهٽجڻ شامل آهن. جيڪڏهن اوهان کي اهي علامتون نظر اچن ته اوهان فورن پنهنجي ڊاڪٽر سان رابطي ۾ اچو. رت جي هڪ سادي ٽيسٽ شگر هجڻ بابت ٻڌائي ڇڏي ٿي. جيڪڏهن اوهان کي انهن مان ڪي به علامتون ظاهر ٿين ٿيون ته فورن شگر جي حوالي سان رت جون ٽيسٽون ڪرائي پنهنجو علاج شروع ڪري ڇڏيو.

ڇا شگر کي تبديل ڪري سگهجي ٿو؟

في الحال شگر جو ڪو علاج ئي ناهي. پر ان کي ڪنٽرول ڪري سگهجي ٿو. بلڊ شگر جي ٽيسٽن سميت بهترين غذا سان ئي شگر کي ڪنٽرول ڪري سگهجي ٿو. بلڊ شگر کي ڪيئن ڪنٽرول ڪجي؟

بلڊ شگر کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ مستقل مزاجي جي سخت ضرورت هوندي آهي. هڪ صحت مند غذا، باقائدگي سان ورزش، کائڻ جون مٺيون شيون گهٽ ڪرڻيون پونديون، اوهان جيئن جيئن خوراڪ کي ڪنٽرول ڪندا ته اوهان جي جسم ۾ت بديليون اچڻ شروع ٿي وينديون. شگر جي مرض کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ٽيڪنالاجي جو استعمال به هاڻ ضروري ٿي ويو آهي. ان لاءِ اوهان کي سمارٽ گلوڪوميٽر رکڻو پوندو. شگر سان گڏ بلڊ پريشر جو نارمل هجڻ به انتهائي ضروري آهي.

شگر ۾ ڪهڙي خوراڪ استعمال ڪجي؟

اوهان اهڙي خوراڪ وٺو، جيئن اوهان جي شگر ڪنٽرول رهي. ان لاءِ سائيون ڀاڄيون گهڻيون استعمال ڪيو، ڪاربو هائيڊريڊ پروٽين، گهٽ سڻڀ وارو ٻوڙ، هر ماڻهو جي انفرادي ضرورت مختلف هوندي آهي. ان لاءِ غذا واري ڪنهن ماهر ڊاڪٽر سان صلاح ڪري اوهان پنهنجي خوراڪ جو صحيح استعمال ڪري سگهو ٿا.

ڇا شگر جا مريض ورزش ڪري سگهن ٿا؟

بلڪل، ورزش انساني صحت لاءِ انتهائي ضروري آهي، ان سان اوهان جي جسم ۾ انسولين کي بهتر انداز ۾ استعمال ڪري سگهو ٿا. ورزش سان بلڊ شگر کي منظم ڪرڻ ۾ تمام گهڻي مدد ملندي آهي. اوهان ان لاءِ روزانو ڪجهه ڪلوميٽر پنڌ ڪيو، سائيڪل جو استعمال ڪيو. ٻاهر نه ٿا وڃي سگهو ته گهر ۾ ڪرڻ جهڙيون ورزشون ضرور شروع ڪيو.

شگر دماغي صحت کي ڪيئن متاثر ٿي ڪري؟

شگر جي مريض کي ٿڪاوٽ جي ڪري دماغ تي اثر پوندو آهي، ان کي گهڻو مٿي ۾ سور پوندو آهي. ان سان سندن جو سور به پوڻ شروع ٿيندو آهي. ايستائين جو برن آئوٽ به ٿي سگهي ٿو. ان لاءِ اوهان کي پنهنجو دوستن جو هڪ حلقو ٺاهڻو پوندو. اوهان گهر وارن سان گپ شپ ڪيو، خاندان وارن سان ميل جول کي وڌايو. پاڻ به خوش رهو ۽ ٻين کي به خوش رکو، نه پاڻ ذهن تي ڪو دٻاءَ وٺو نه ٻين کي وٺڻ ڏيو.

شگر سان ڪهڙا مسئلا پيدا ٿي سگهن ٿا؟

جيڪڏهن اها بي قابو آهي ته پوءِ اها دل جي بيمارين، گردن جي مرض، بينائي ۽ ٻيون جسماني بيماريون پيدا ڪري سگهي ٿي. ان لاءِ اوهان کي باقاعدگيءَ سان چيڪ اپ ڪرائڻ ضروري آهي. اوهان جي دل، گردن ۽ اکين جي صحت لاءِ فعال اسڪريننگ ضروري آهي، ان سان اها خبر پوندي ته اوهان ٻين مرضن ۾ ته مبتلا ته نه ٿي ويا آهيو. جيڪڏهن ٻيا مرض پيدا ٿي ويا آهن ته اهي صرف ۽ صرف شگر جي ڪري ئي آهن. ان لاءِ اوهان کي فورن شگر کي ڪنٽرول ڪرڻو پوندو، پوءِ وڃي، دل، گردا ۽ اکين جي بيمارين کي ئي روڪي سگهجي ٿو.

ڇا ٽائيپ 2 شگر کي روڪي سگهجي ٿو؟

ڪيترن معاملن ۾ ان جو جواب ها ۾ ئي آهي. بهتر خوراڪ، ورزش ۽ وزن کي برقرار رکڻ سان ان کي روڪي سگهجي ٿو. ان سان اوهان صحت مند رهندا. مٺين شين کان پرهيز ڪرڻ، گهڻو پاڻي پيئڻ، يا لفٽ بدران ڏاڪڻ جو استعمال ڪرڻ اوهان جي صحت ۾ گهڻيون تبديليون آڻي سگهي ٿو. جڏهن ته معمول واري چيڪ اپ سان به اوهان ان مرض کي ڪنٽرول ۾ رکي سگهو ٿا.شگر جو علاج مستقل مزاجي ۾ به آهي. ڪمال ڪرڻ لاءِ اوهان پنهنجي صحت کي بهتر ڪرڻ لاءِ ننڍيون ننڍيون ڪوششون ڪرڻ شروع ڪيو. دنيا ۾ ڪا شئي ڏکي ناهي هوندي پر ڪوشش هر مرض جي ڪنجي آهي. هر مثبت تبديلي بهتري ڏانهن وٺي ويندي آهي. ان لاءِ پنهنجي صحت کي بهتر رکڻ لاءِ پاڻ ئي ڪوششون شروع ڪيو.