ڪوئن تي هڪ تازي تحقيق مان ثابت ٿيو آهي ته شگر ڪوڪين کان به وڌيڪ نشي آور آهي، تڏھن بھ اسان اوهان کي شگر ڇڏڻ جو مشورو ته نه ٿا ڏيون.
پر اسان اوهان کي ضرور چونداسين ته پنهنجي رت جي شگر جي سطح کي ڪنٽرول ۾ رکو، توڻي اوهان ذيابطيس جا مريض آهيو يا نه.
جيڪڏهن اوهان رت ۾ شگر تي ضابطو آڻڻ چاهيو ٿا ته پنهنجي خوراڪ تي خاص ڌيان ڏيو، جنهن لاءِ هيٺ انهن کاڌن جو تفصيل پيش آھي جن جي استعمال سان اوهان شگر جي سطح کي ڪنٽرول ۾ رکي سگهو ٿا.
نشاستي بنا سبزيون
جيڪڏهن اوهان ذيابطيس جي بيماريءَ ۾ مبتلا آهيو يا ’پري-ڊائيبيٽڪ‘ آهيو، ته ضروري آهي ته اوهان بنا نشاستي واريون سبزيون ئي کائو. ان سبزين جي مثبت اثرن مان وڌ کان وڌ فائدو حاصل ڪرڻ لاءِ اوهان کي تازيون سبزيون حاصل ڪرڻ گهرجن.
ان سبزين کان پاسو ڪريو، جن کي محفوظ ڪرڻ لاءِ کنڊ يا لوڻ استعمال ڪيو ويو هجي.
بنا نشاستي سبزين ۾ اسپراگس، ايوڪاڊو، بروڪلي، بند گوبي، گل گوبي، جاڻ، سايون ڀاڄيون ۽ ڦريون، ٽماٽا، ۽ بصر وغيره شامل آهن.
پنن واريون سبزيون
پنن واريون سبزيون غذائي عنصرن سان ڀرپور هونديون آهن، جن ۾ ڪاربوهائيڊريٽس جو مقدار گهٽ آهي ۽ اهي هاضمي نظام تي اگرا اثر نٿيون ڪن.
پنن واريون سبزيون نه رڳو رت ۾ شگر جي سطح کي برقرار رکنديون آهن، پر اهي شگر جي مقدار ۾ گهٽتائي جو سبب پڻ بڻجنديون آهن.
ڪجهه پنن واريون سبزيون، جن کي اوهان پنهنجي روزاني خوراڪ ۾ شامل ڪري سگهو ٿا، انهن ۾ پالڪ ۽ گوبي پڻ شامل آهن، جن ۾ وٽامن سي وڏي مقدار ۾ ملندو آهي.
مٿي ذڪر ڪيل سبزين ۾ ملندڙ وٽامن سي ٽائپ ٽو ذيابطيس لاءِ غير معمولي طور تي مفيد آهي، جنهن جي استعمال سان اوهان ذهني طور تي پڻ سڪون محسوس ڪندا.
پنن وارين سبزين ۾ اينٽي آڪسيڊنٽ ٿيندو آهي، جيڪو اکين لاءِ تمام گهڻو مفيد آهي، ان کان علاوه اهي سبزيون شگر جي مريضن لاءِ پڻ تمام گهڻو مفيد هونديون آهن.
سڻڀي مڇي
اهڙا کاڌا جيڪا اوهان جي صحت جي حفاظت ۾ مددگار ثابت ٿين ٿا، ان ۾ سڻڀي يا چرٻيدار مڇي شامل آهي، ان کان علاوه هي کاڌو اوهان کي شگر ۾ مبتلا ٿيڻ کان پڻ بچائي سگهي ٿو.
سڻڀي مڇي اوهان جي صحت لاءِ ڪيترن ئي فائدن جي حامل هوندي آهي. اها رت ۾ شگر جي مقدار کي گهٽائڻ ۾ پڻ مددگار هوندي آهي.
اهي انساني جسم ۾ رت جي نالين جي حفاظت ۽ انهن کي انفيڪشن کان بچائڻ ۾ غير معمولي طور تي مددگار ثابت ٿين ٿيون.
ذيابطيس ۾ مبتلا ماڻهن ۾ دل جي بيماري کان علاوه فالج جو خطرو پڻ وڌي ويندو آهي. چرٻيدار مڇي کي پنهنجي خوراڪ جو حصو بڻائڻ سان انهن مسئلن جي پيچيدگين جا امڪان گهٽجي سگهن ٿا ۽ اها پروٽين جو پڻ بهترين ذريعو ثابت ٿئي ٿي.
ميوا
سڻڀا کاڌا جيڪي شگر جي بيماري ۾ مفيد ثابت ٿي سگهن ٿا، ان ۾ ميوا شامل آهن، جن ۾ فائبر جو مقدار تمام گهڻو آهي.
ان مان گهڻن ۾ ڪاربوهائيڊريٽس جو مقدار تمام گهٽ ھوندو آهي، جيڪي آسانيءَ سان هضم ٿي ويندا آهن، جنهن جو مطلب آهي ته ان جي استعمال سان رت ۾ شگر جي مقدار ۾ واڌ نه ٿيندي آهي.
شگر جي مريضن لاءِ بهترين ميون ۾ بادام، ڪاجو، هيزل نٽ، پستا ۽ اخروٽ شامل آهن. جيڪڏهن اوهان پنهنجي وزن بابت فڪرمند آهيو ته انهن جو استعمال جاري رکو.
آنا
آنن جو شمار پڻ سڻڀن صحت بخش کاڌن ۾ ڪيو ويندو آهي، جن مان رت ۾ شگر جو ليول برقرار رهندو آهي، ان کان علاوه آنا انسولين جي مقدار کي پڻ بهتر بڻائيندا آهن ۽ انفيڪشن کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا آهن.
جيڪڏهن اوهان آنن کي پنهنجي خوراڪ جو حصو بڻائڻ چاهيو ٿا ته ان جي زردي ضرور استعمال ڪريو، ڇو ته ان مان اوهان جو شگر جو ليول برقرار رهندو.
قدرتي سڻڀ
ورجن زيتون جو تيل ڪيترن ئي طبي فائدن جي لحاظ کان مشهور آهي، عام طور تي ان کي دل جي بيماري لاءِ بهتر ذريعو سمجهيو ويندو آهي. اهو دل جي بيماري جي خطري کي گهٽائڻ کان علاوه ان جي حفاظت جو ڪم پڻ ڪندو آهي.
زيتون جي تيل ۾ ڪيترائي اينٽي آڪسيڊنٽس هوندا آهن، جيڪي سوزش گهٽائڻ وارن خلين جي حفاظت ڪرڻ ۽ هاءِ بلڊ پريشر ۽ ڪوليسٽرول جي سطح کي گهٽائڻ لاءِ مددگار هوندا آهن.
خالص ورجن زيتون جو تيل صحت کي برقرار رکڻ لاءِ بهترين کاڌو آهي، ٻيا قدرتي سڻڀ جيڪي ذيابطيس کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مددگار آهن، ان ۾ ناريل جو تيل، ايوڪاڊو جو تيل، اخروٽ جو تيل، ان کان علاوه ناريل جو مٺو پاڻي ۽ ان جو ڳر شامل آهي.
پروبائيوٽڪس سان ڀريل ڊيري جون شيون
جيڪڏهن اوهان پنهنجي روزاني خوراڪ ۾ کير شامل ڪندا آهيو ته يقين ڪريو ته هي صحت بخش پروبائيوٽڪس سان ڀريل کاڌو آهي، جيڪو صحت لاءِ تمام گهڻو مفيد آهي.
يوناني ڏھي جا پڻ بيشمار فائدا آهن، جيڪي صحت کي برقرار رکڻ ۾ تمام اهم آهن، ان ۾ شگر جو مقدار گهٽ ۽ پروبائيوٽڪس وڌيڪ هوندا آهن.
صوف جو سرڪو
صوف جو سرڪو بهترين کاڌن ۾ شمار ڪيو ويندو آهي، ان ۾ موجود خمير ٿيل ايسٽڪ ايسڊ انسولين جي مقدار کي بهتر بڻائڻ لاءِ تمام گهڻو مفيد هوندو آهي.
صوف جو سرڪو روزي جي دوران بھ رت ۾ شگر جي سطح کي گهٽائڻ لاءِ پڻ مددگار هوندو آهي.
هن سرڪي ۾ پاڻي ملائي پيئڻ وڌيڪ بهتر هوندو آهي، ڇو ته ان ۾ تيزابيت گهڻي هوندي آهي. ان کي پيئڻ لاءِ جيڪو طريقو ماهرن تجويز ڪيو آهي، ان جي مطابق سرڪي کي مرحليوار استعمال ڪيو وڃي.
شروعات ۾ چانهه جي چمچ جي برابر پيئو ۽ پوءِ ان جي مقدار ۾ ٿورو ٿورو واڌارو ڪريو.
دالچيني ۽ ھئڊ
اسان جي کاڌن ۾ اهڙيون شيون لازمي طور استعمال ٿينديون آهن، جن جي فائدن کان گهٽ ماڻهو واقف هوندا آهن.
عام طور تي اهي مصالحا، جن کي اوهان رڳو ذائقو بهتر بڻائڻ لاءِ استعمال ڪندا آهيو، اصل ۾ اھي صحت لاءِ پڻ مفيد هوندا آهن.
انھن ۾ دالچيني ۽ ھئڊ پڻ شامل آهن، جن کي استعمال ڪرڻ جي ڪجهه ئي ڏينهن ۾ بهتر نتيجا اوهان جي سامهون اچڻ شروع ٿي ويندا.
ھئڊ عام طور تي انفيڪشن کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ استعمال ڪئي ويندي آهي. اها هڪ بهترين اينٽي بائيوٽڪ آهي.
اها رت ۾ شگر جي مقدار کي پڻ گهٽائڻ ۾ غير معمولي طور تي مفيد ثابت ٿئي ٿي، ان مان گردن جي صحت پڻ بحال ٿئي ٿي. ھئڊ ۾ ڪاري مرچ شامل ڪري بهترين نتيجا حاصل ڪري سگهجن ٿا.