نيو جرسي (شوبز نيوز) آمريڪي رياست نيو جرسي جي صحت کاتي ڪلوڪارا شڪيرا جي ڪسنرٽ جي ڪري ارڙي پکڙجڻ جو خدشو ڏيکاريندي وارننگ جاري ڪري ڇڏي آهي. صحت کاتي خبردار ڪيو آهي ته گذريل هفتي ايسٽ ردر فورڊ جي ميٽ لائف اسٽيڊيم ۾ ٿيندڙ شڪيرا جي ڪنسرٽ ۾ شريڪ ماڻهون ارڙيءَ جي وائرس ۾ مبتلا ٿي سگهن ٿا. صحت کاتي موجب هڪ غير مقامي شخص، جنهن کي ارڙي هئي ان ڪنسرٽ ۾ شريڪ ٿيو هو جنهن کان پوءِ ان ڪنسرٽ ۾ شرڪت ڪندڙ ماڻهن ۾ ارڙي پکڙجڻ جو خدشو آهي. صحت کاتي موجب اهڙن ماڻهن کي جن ارڙيءَ جي مڪمل ويڪسين ناهي ڪرائي يا جن کي پهرين ارڙي ناهي نڪتي، انهن کي انفيڪشن جو خطرو آهي. متاثر ماڻهن ۾ ڇهه جون تائين علامتون ظاهر ٿي سگهن ٿيون. جيڪي ماڻهو ارڙيءَ جو علامتون محسوس ڪن ته فوري طور تي ڊاڪٽر وٽ وڃن، پر ڪنهن به ڪلينڪ يا اسپتال وڃڻ کان اڳ فون تي اطلاع ڏنو وڃي ته جيئن ٻيا ماڻهو متاثر ٿيڻ کان بچي سگهن.