ڪانپور (اسپورٽس نيوز) عظيم بنگلاديشي آل رائونڊر ۽ اڳوڻي ڪپتان شڪيب الحسن ٽيسٽ ۽ ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنلز تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو. بنگلاديشي ٽيم اڄڪلهه ٻن ٽيسٽ ميچن جي سيريز لاءِ ڀارت جي دوري تي موجود آهي، ڪانپور ۾ ٻي ٽيسٽ ميچ کان اڳ شڪيب الحسن ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته آڪٽوبر ۾ ڍاڪا ۾ ڏکڻ آفريڪا خلاف شيڊيول ٽيسٽ سندس ڪيريئر جي آخري ٽيسٽ ميچ هوندي، ٽي ٽوئنٽي سيريز کانپوءِ هو ان فارميٽ تان به رٽائر ٿي ويندو. شڪيب الحسن چيو ته مان ان فيصلي تي خوش آهيان، پنهنجي زندگي ۾ ڪو به پڇتاءُ ناهي، بنگلاديش ۽ عالمي ڪرڪيٽ کي الوداع چوڻ جو هي صحيح وقت آهي. ياد رهي ته شڪيب الحسن ستر ٽيسٽ ميچن ۾ بنگلاديش جي نمائندگي ڪئي ۾ هن 4600 رنسون ٺاهيون ۽ 242 وڪيٽون حاصل ڪيون. ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنلز ۾ هن 129 مقابلن ۾ بنگال ٽائيگرز جي نمائندگي ڪندي 2551 رنسون ٺاهيو ۽ 149 وڪيٽون پڻ ورتيون.