ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) محبت جي خوشبوءَ جي شاعرا پروين شاڪر جي 72 هين سالگرهه ملهائي وئي. پروين شاڪر 24 نومبر 1952ع تي ڪراچيءَ ۾ جنم ورتو. هوءَ تعليم دوران اردو بحثن ۾ حصو وٺندي هئي، ان سان گڏوگڏ ريڊيو پاڪستان جي مختلف علمي ادبي پروگرامن ۾ شرڪت ڪندي رهي. انگريزي ادب ۾ گريجوئيشن ڪيائين ۽ ان ئي مضمون ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ مان ايم اي جي ڊگري حاصل ڪيائين. پروين شاڪر استاد جي حيثيت سان تعليم جي شعبي سان به سلهاڙيل رهي ۽ پوءِ هن سرڪاري ملازمت به اختيار ڪئي. بينا جي نالي سان لکڻ جي شروعات ڪندڙ شاعرا پروين شاڪر جو پهريون شعري مجموعو ”خوشبو“ 1970ع ۾ ڇپيو، ان جي غير معمولي مشهوري کان پوءِ پروين جي شاعريءَ جا ڪيترائي ڪتاب ڇپيا، جن ۾ انڪار، صدِبرگ، خودڪلامي ۽ ڪف آئينا سميت ٻيا شامل آهن، هن شاعري سان گڏوگڏ ڪالم نويسي پڻ ڪئي. روح جي گهرائين سان شعر تخليق ڪندڙ شاعرا پروين شاڪر کي ادبي خدمتن جي اعتراف ۾ ڪيتر ئي اعزاز به ڏنا ويا، جن ۾ سندس ڪلام خوشبو تي کيس آدم جي ادبي انعام، خود ڪلاميءَ تي اڪادمي ادبيات طرفان ادبي انعام ۽ پاڪستان جي حڪومت طرفان صدارتي تمغو حسن ڪارڪردگي به ماڻيائين. پروين شاڪر 26 ڊسمبر 1994ع تي اسلام آباد ۾ روڊ حادثي ۾ 42 ورهين جي ڄمار هن فاني دنيا ۾ لاڏاڻو ڪيو. سندس هي شعر سڀ کان وڌيڪ مشهور آهي ته اس شرط په کيلون پيا پيار کي بازي، جيتون تو تجهي پائون هارون تو مين تيري.