شڪارپور (رپورٽر) ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج شڪارپور منو مل کڳيجا جتوئي ھائوس تي ٿيل بجاراڻي تيغاڻي خوني تڪرار جي جرڳي جو نوٽيس وٺندي ايس ايس پي شڪارپور کان جواب ۽ جرڳي جا تفصيل طلب ڪري ورتا آھن، عدالت پاران جاري ڪيل نوٽيس ۾ ڄاڻايو ويو آھي ھاءِ ڪورٽ سنڌ ڪراچي 2018ع ۾ سختي سان حڪم جاري ڪيو ھو ته جرڳا غير آئيني ۽ غير قانوني آھن ايس ايس پيز ۽ حد جا ايس ايچ اوز پابند آھن ته جرڳا ڪندڙن خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي ويندي ۽ جرڳا روڪرائڻ ۾ پوليس ڪردار ادا ڪندي جيڪڏھن ايس ايس پي يا حد جا آفيسر جرڳن خلاف قانوني ڪاروائي نه ٿا ڪن ته ھو آئين ۽ قانون جي ڀڃڪڙي ڪندڙ ليکبا ۽ ھنن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي، نوٽيس ۾ ڄاڻايو ويو آھي ته ميڊيا جي خبرن مطابق گذريل ڏينھن شڪارپور جي جتوئي ھائوس تي بجاراڻي ۽ تيغاڻي ڌرين وچ ۾ ھلندڙ خوني تڪرار جي 46 قتلن جو جرڳو ڊاڪٽر محمد ابراھيم جتوئي جي سرپئنچي ۾ ٿيو آھي. ايس ايس پي شڪارپور کي جاري ڪيل نوٽيس ۾ ايس ايس پي شڪارپور خالد مصطفيٰ ڪورائي کي جرڳي جي تفصيلن سميت 3 ڏينھن اندر رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو ويو آھي، ياد رھي ته گذريل ڏينھن بجاراڻي تيغاڻي تڪرار جو فيصلو جتوئي ھائوس تي ڊاڪٽر محمد ابراھيم جتوئي جي سرپئنچي هيٺ ڪيو ويو ھو جنھن ۾ ٻنھي ڌرين مٿان 46 قتلن جا مجموعي طور تي 6 ڪروڙ 61 لک ڏنڊ رکيو ويو ھو، اھڙي فيصلي بعد ڌريون کير کنڊ ٿي ويون ھيون.