شڪارپور (رپورٽر) شڪارپور جي نيو فوجداري ٿاڻي جي حد ريلوي ڦاٽڪ ويجھو واحد بخش عرف واحدو بروھي پنھنجي نوجوان گھر واري شاھده ڌي بھادر لغاري کي لال شيخ سان ڪارنھن الزام ڏيئي گوليون ھڻي قتل ڪرڻ بعد اسٽورٽ گنج ٿاڻي جي حد ناڪي ويجھو چڻگي مقام واسي نوجوان لال بخش پٽ عبدالستار شيخ کي گوليون ھڻي زخمي ڪيو، ٻانھن ۽ سيني ۾ گوليون لڳڻ سبب نوجوان کي شڪارپور اسپتال مان سکر ريفر ڪيو ويو، جتي ھن دم ڌڻي حوالي ڪيو، واقعي بعد شھر ۾ ڏھڪاءُ پکڙجي ويو، اسپتال ۾ فوت ٿي ويل نوجوان لاش سکر کان کڻائي شڪارپور اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، پوليس مطابق جوابدار واحد بخش عرف واحدو بروھي ٻٽو قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويو آھي جنھن جي ڳولا ڪئي پئي وڃي، ٻئي پاسي مقتول نوجوان جي وارثن ۾ تاءُ پکڙيل آھي شڪارپور شھر جي ٻنھي رھواسي ڌرين ۾ ھن واقعي کان پوءِ ڇڪتاڻ جو امڪان آھي. قتل ٿي ويل عورت شاھدا جي قتل ڪيس نيو فوجداري ٿاڻي تي سرڪار جي فرياد تي جوابدار واحد بخش بروھي خلاف داخل ڪيو ويو آھي، ڪيس ۾ ڄاڻايو ويو آھي ته جوابدار واحد بخش بروھي پنھنجي ساٿين سان گڏجي فائرنگ ڪري مسمات شاھد کي قتل ڪيو، قتل ٿي ويل نوجوان لال شيخ جو قتل ڪيس آخري اطلاعن تائين داخل نه ٿي سگھيو ھو، اسٽورٽ گنج جي وڏي منشي نديم انصاري ٻڌايو ته اڃا تائين نوجوان جا وارث ناھن پھتا ھنن جي اچڻ بعد ڪيس داخل ڪيو ويندو.