شڪارپور (رپورٽ: وحيد بروھي) شڪارپور ۾ ڦر دوران مزاحمت تي گوليون ھڻي نوجوان قتل، وارثن طرفان لاش رکي ڌرڻو، رئيس واھ ويجھو ڦر دوران ھٿياربندن 24 سالن جي اقبال شر عرف بابو شر کي بيدرديءَ سان گوليون ھڻي قتل ڪري ڇڏيو،نوجوان جي لاش کي واٽھڙن ۽ وارثن لوڊر رڪشا ۾ کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، ٻي طرف وارثن مخدوم ضمير، رجب شر، غلام شبير، بابل شر ۽ ٻين نوجوان جو لاش رکي نيشنل هاءِ وي تي ڌرڻو ھنيو، احتجاج ڪندڙن دانھيو ته ڦر دوران نوجوان ماريو ويو، پوليس جوابدارن کي فرار ڪرايو آهي، هنن مطالبو ڪيو ته جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ سان گڏ واقعي ۾ ملوث پوليس آفيسر ۽ اھلڪارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي.