شڪارپور(رپورٽر) شڪارپور جي فرسٽ ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج عبدالحق مڱريو جي عدالت بمبل ڳوٺ جي رهواسي جوابدار بابل جعفري کي پنهنجي ئي ڌيءَ درخاتون کي ڪارو قرار ڏئي قتل ڪرڻ جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي عمر قيد ۽ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي، قتل جي ڏوھه ۾ بابل جعفري کي عمر قيد ۽ 5 لک رپيا ڏنڊ جي سزا، غيرقانوني هٿيار رکڻ جي ڏوھ ۾ الڳ 7 سال قيد ۽ 80 رپيا ڏنڊ جي سزا به ٻڌائي وئي، ياد رھي ته هڪ سال اڳ بمبل ڳوٺ ۾ جوابدار پنهنجي ڌيءَ تي ڪارنهن جو الزام هڻي کيس بي رحمي سان قتل ڪيو هو.