شڪارپور(رپورٽر) شڪارپور شھر جي نيوفوجداري ٿاڻي جي حد ڪاليج روڊ وٽ شيخ ۽ بروهي تڪرار تان هٿياربندن فائرنگ ڪري پيءُ پٽ، واٽھڙو ۽ ھڪ ٻارڙي سميت پنج ڄڻن کي زخمي ڪري ڇڏيو، فائرنگ ۾ واحد بخش عرف واحدو بروھي ۽ سندس پٽ تنوير بروھي، راشد بروھي، پنجن سالن جي عروج ميراڻي،غريب نواز چوھاڻ زخمي ٿي پيا، زخمين کي شڪارپور اسپتال منتقل ڪرڻ بعد ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سکر ريفر ڪيو ويو، واحد بخش عرف واحدو بروھي سکر جي اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو، پوليس موجب واقعو شيخ- بروھي ڌرين ۾ ذاتي دشمني سبب پيش آيو آھي. ياد رھي ٻه مھينا اڳ واحد بخش عرف واحدو بروھي پنھنجي گھرواري شاھدهه لغاري کي نوجوان لال محد شيخ سان ڪارنھن الزام ھيٺ قتل ڪيو ھو، واقعو ڪارنھن الزام ھيٺ قتل ڪيل لال محمد شيخ جي پلاند سبب پيش آيو آھي.