شڪارپور( رپورٽر) ضلعي شڪارپور ۾ وڌندڙ بدامني تي ضابطو اچي نه سگھيو. مختلف تنظيمن قومي عوامي تحريڪ، جميعت علماءِ اسلام، جميعت علماءِ پاڪستان، جيئي سنڌ تحريڪ، آل ڪلارڪ ايسوسئيشن اڳواڻن جي گڏجاڻي ٿي. گڏجاڻي ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ٽن ڏينھن اندر ڦر ڪيل موٽر سائيڪلون ۽ ٻيو سامان واپس نه ڪيو ويو ته زيرو پوائنٽ جيل چورنگي وٽ احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو ويندو، ان سلسلي ۾ قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻن ايڊووڪيٽ زاهد ڀنڀرو، ايڊووڪيٽ آغا فهد خان، ايڊووڪيٽ ظفر علي چنا، جمعيت علماءِ السلام مولوي مشتاق سھندھڙو، جمعيت علماءِ پاڪستان مولانا مسعود احمد قادري، جيئي سنڌ تحريڪ نصير منگي، آل پاڪستان ڪلارڪ ايسوسيئيشن عبدالوهاب کاغذي، امداد سومرو، سجاد سيٺار، عرفان ملڪ، وحيد ڦلپوٽو ۽ ٻين سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته ضلعي ۾ ڪوبه ماڻھو محفوظ ناھي ماڻھن جو نيشنل هاءِ وي تي سفر ڪرڻ مشڪل ٿي ويو آهي، شهري خوف سبب گهرن تائين محدود ٿي ويا آهن، 12 مغوي ڌاڙيلن وٽ قيد آھن، ھڪ مھيني ۾ 70 کان وڌيڪ موٽر سائيڪلون ڦر ڪيون ويون آھن، سوين ڦر جا واقعا پيش آيا آھن، پوليس انتظاميا چورن آڏو بيوس نظر اچي رهي آهي.اڳواڻن چتاء ڏيندي چيو ته سياسي سماجي اڳواڻ شرجيل شيخ سميت ٻين شھرين کان ڦر ٿيل موٽر سائيڪلون ۽ سامان آچر تائين واپس نه ڪرايو ويو ته آچر ڏينھن جيل چورنگي وٽ احتجاجي ڌرڻو ھڻي تحريڪ شروع ڪئي ويندي.