شڪارپور(رپورٽر) شڪارپور جي اسٽورٽ گنج ٿاڻي جي حد اناج منڊي وٽ چئن موٽر سائيڪل سوار ھٿياربندن واپاري رياض پٺاڻ کان 55 لک رپيا ڦر ڪيا، مزاحمت ڪرڻ تي واپاري کي گوليون ھڻي زخمي ڪيو ويو، زخمي کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، ٻي طرف بدامني خلاف واپارين طرفان تاج سي اين جي باءِ پاس وٽ مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، واپارين جي اڳواڻ سميع الله شيخ ۽ ٻين چيو ته واپاري کان سرعام ڦرلٽ ڪئي وئي پر پوليس جوابدارن خلاف ڪابه ڪارروائي ناهي ڪئي،هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي امن امان قائم ڪرايو وڃي.