شڪارپور(رپورٽر) شڪاپور جي اسٽورٽ گنج ٿاڻي جي حد شڪارپور -جيڪب آباد باءِ پاس تي واپارين، رياض پٺاڻ کان 65 لک ڦر ڪرڻ ۽ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو هنيو، واپارين جي ڌرڻي سبب جيڪب آباد، سکر لاڙڪاڻي ۽ ڪنڌڪوٽ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي، آن موقعي تي واپارين سميع الله شيخ، توسيف سومرو، سرفراز پٺاڻ ۽ ٻين چيو ته ھٿياربندن ھفتو اڳ اناج منڊي مان واپاري رياض پٺاڻ ۽ توسيف سومرو کان 65 لک رپيا روڪ ڦر ڪري فرار ٿي ويا ھئا، ڦر دؤران مزاحمت تي رياض پٺاڻ گولي ھڻي زخمي به ڪري ڇڏيو ھو، ھفتو گذري وڃڻ باوجود ڪوبه جوابدار گرفتار ناھي ٿي سگھيو، ھنن چيو ته ايس ايس پي شڪارپور ٽن ڏينھن اندر ڦر ٿيل رقم واپس ڪرائڻ ۽ جوابدار گرفتار ڪرڻ جي خاطري ڪرائي ھئي پر پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو آھي، ھنن مطالبو ڪيو ته ڦورو گرفتار ڪيا وڃن، ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رهندو، ٽن ڪلاڪن جي احتجاج کانپوءِ ڊي ايس پي شاھجهان شاھ جي خاطري بعد احتجاج ختم ڪيو ويو.