شڪارپور/ھمايون شريف(نمائندن وٽان) شڪارپور ۾ نامعلوم جوابدارن ھٿان مبينا طور نوجوان گهٽا ڏئي قتل، شهر جي لکيدر ٿاڻي جي حد ابراهيم مرڪز پاڙي ۾ 20 ورهين جي نوجوان عبدالحميد پٽ لعل بخش جتوئي جو گهر جي ڪمري مان لاش هٿ ڪيو ويو، اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، نوجوان جي وارثن جو چوڻ هو ته اڻڄاتل هٿياربندن گهر ۾ داخل ٿي نوجوان کي گهٽا ڏئي قتل ڪيو آهي، ڪنهن سان به ڪا دشمني ناهي، صبح سوير نوجوان جي ڪمري ۾ داخل ٿياسين ته ڪمرو اندران لاڪ هو، ڪمرو کوليوسين ته ڪمري کي اندران کاٽ لڳل هو ۽ نوجوان جو گهٽا ڏنل لاش مليو، هنن مطالبو ڪيو ته جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي، ٻي طرف پوليس موجب واقعو پراڻي دشمني لڳي رھيو آهي، نوجوان کي ڪرڪيٽ ۽ گھر ڀرسان موبائيل تي ڪلام هلائڻ تان جوابدارن گهر کي کاٽ هڻي قتل ڪيو آهي، وارث ٿاڻي تي ايندا ته ڪيس داخل ڪيو ويندو، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.