شڪارپور(رپورٽر) شڪارپور ۾ ھٿياربندن ھٿان عورت گوليون ھڻي قتل، شھر جي نيو فوجداري ٿاڻي جي حد قلعي قافلي پاڙي ۾ ھٿياربندن گوليون ھڻي بيواھه عورت ڪائنات مگسي کي قتل ڪيو، وارثن ۽ پوليس طرفان عورت جو لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيو ويو، ان موقعي تي مارجي ويل عورت جي پيءُ محمد رمضان مگسي ٻڌايو ته موٽرسائيڪلن تي ست ڄڻا سوار ٿي ھٿيار کڻي گھر ۾ گھڙي ڌيءُ کي گوليون ھڻي ماري ويا، ھن چيو ته ملڪيت جي کاتي جي مسئلي تان بااثر جوابدارن گھر ۾ گھڙي منھنجي ڌيءُ کي گوليون ھنيون، مارجي ويل ڪائنات مگسي کي چار ٻار آھن، ھو حبيب الله مارفاڻي جي گھرواري ھئي، پوليس موجب واقعو ملڪيت جو تڪرار لڳي رھيو آھي، واقعي بابت وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي، ٻي طرف اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد مقتولا عورت جو مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.