شڪارپور (رپورٽر) شڪارپور ۾ قومي عوامي تحريڪ پاران وڌندڙ بدامني، علاج جون سھولتون نه ھجڻ، ڊرينيج جي تباھي، غيرقانوني قبضن خلاف ۽ افغانين جي نيڪالي لاءِ سموري شھر ۾ سجاڳي مھم ھلائي ھينڊ بل ورھايا ويا، ان موقعي تي ڪاشف خاصخيلي، ايڊووڪيٽ آغا فھد ۽ جنسار ھيسباڻي چيو ته سنڌ ۾ 15 سالن کان پ پ جي حڪومت رھي آهي، ھتي نه معياري تعليم آھي نه ڪو نظام، سوين سرڪاري اسڪول بند پيا آھن، اسپتالن ۾ غريبن جو علاج محال بڻجي ويو آھي، جڏهن ته ڪچين آبادين جا روڊ رستا کنڊرات بڻجي ويا آهن، هنن چيو ته افغانين جي نيڪالي طرف حڪومت ڪو به ڌيان نه پئي ڏئي، هنن مسئلا حل ڪرڻ جي گهر ڪئي.