شڪارپور (رپورٽر) شڪارپور جي نيو فوجداري ٿاڻي جي حد اولڊ پاور ھائوس جي رھواسي جکرو برادري جي ٻن ڌرين ۾ پاڻي جي موٽر لڳائڻ تان جھيڙو ٿي پيو، جھيڙي دوران فائرنگ ۾ ھڪ نوجوان حبيب الله جکرو پٽ عبدالحڪيم جکرو کي پيٽ ۾ گولي لڳڻ سبب زخمي ٿي پيو، جنهن کي کڻائي اسپتال منتقل ڪيو ويو، زخمي نوجوان جي وارثن محمد عثمان جکرو ۽ نصرالله جکرو ٻڌايو ته پوليس اھلڪار پنھنجي مائٽن ۽ دوستن سان گڏجي اسان مٿان فائرنگ ڪئي، جنھن ۾ اسان جو نوجوان زخمي ٿيو آھي، پوليس مطابق فائرنگ ڪندڙ جوابدار عبدالرشيد جکرو کي سرڪاري ھٿيار سميت گرفتار ڪيو ويو آھي، ٻئي پاسي سلطان ڪوٽ ٿاڻي جي حد جاڳڻ لنڪ روڊ تي برقعا پاتل اڻڄاتل ھٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان ذڪاءُالله بروهي پٽ ثناءُ الله بروھي زخمي ٿي پيو، پوليس مطابق واقعو برادري تڪرار لڳي رھيو آھي.