شڪارپور (رپورٽ: وحيد بروھي) شڪارپور شھر جي نيوفوجداري ٿاڻي جي حد ريلوي ڦاٽڪ ويجھو ڪڻڪ شاھ پير وٽ مبينا پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل ٻنھي ڄڻن جي سڃاڻپ ڪئي وئي، مارجي ويل صدورو پٽ سڌير ساريو شھر جي ميراڻي پاڙي جو رھواسي، جڏھن ته ساجد پٽ جان محمد شيخ شڪارپور جي دامن شاھ پاڙي جي رھواسي طور ڪئي وئي آھي، پوليس مطابق ٻئي جوابدار شھر ۾ ڦر ڌاڙن ۽ موٽر سائيڪل ڦر جي وارداتن ۾ ملوث ھئا، مارجي ويل ٻنھي ڏوھارين جا لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا آھن، ھوڏانھن مارجي ويل ٻنهي ڄڻن جي وارثن شڪارپور باءِ پاس تي ڌرڻو ھڻي احتجاج ڪيو ويو، جن جو چوڻ ھو ته نوجوانن کي پوليس بي ڏوھ ماريو آھي، مامري جي جاچ ڪرائي ملوث اھلڪارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.