شڪارپور (رپورٽر) شڪارپور جي فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج غلام قادر تنيو جي عدالت قتل ڪيس جو ڏوھ ثابت ٿيڻ تي جوابدار پپو عرف پيارو ڏاھاڻي کي ڦاھي ۽ 50 لک ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي. واضع رھي ته مدئجي ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڇتو منگي ۾ 3 سال اڳ ٽن جوابدارن ڏيتي ليتي مامري تان 36 سال جي نوجوان غلام حيدر منگي کي گوليون ھڻي قتل ڪيو ھو. مقتول نوجوان جي بيواهه الفت خاتون منگي جي فرياد تي ٽن جوابدارن پپو عرف پيارو،گل محمد عرف گلو ۽ قلندر بخش ڏھاڻي مٿان داخل ڪيو ويو ھو، ٻه جوابدار قلندر بخش ۽ گل محمد ڏاھاڻي روپوش آھن، عدالت جي اھڙي فيصلي بعد جوابدار کي سکر سينٽرل جيل منتقل ڪيو ويو.