رستم (ن پ ا )رستم ۾ ٽيڪسي تي موٽرسائيڪل ھلائيندڙ ڳوٺ لکڻ پنھوار واسي پورھيت فضل الرحمان پنھوار کي نامعلوم مرد ۽ عورت دوکي سان وٺي شڪارپور ۾ موٽرسائيڪل جي شورم مالڪ وٽ گروي رکي ڇڏيو، پورھيت ڏيڍ لک رپيا روڪ رقم ڏئي بازياب ٿي گھر پھتو، ان حوالي سان متاثر نوجوان ٻڌايو ويو ته رستم شھر جي ويگن اسٽاپ وٽ سواري جي انتظار ۾ بيٺل ھئس ته ھڪ نامعلوم مرد ۽ عورت شڪارپور کڻي ھلڻ لاءِ چيو، کين کڻي ويس جتي عورت کي شڪارپور ۾ نادرا آفيس وٽ ڇڏي ، اڪيلو مرد اسٽيشن روڊ تي قائم سراج شيخ جي موٽرسائيڪلن واري شوروم تي وٺي ھليو، جتي مون کي دوکو ڏئي چيو ويو ته بس اتي ئي ڪم آھي، ساڳيو واپس ھلنداسين، سان ڪرايو ڏيڻ کانسواءِ جي شوروم جي آفيس ۾ ويھاريو ويو، جنھن بعد شوروم مالڪ ٻڌايو ته ھو اوھان کي ضامن ڏئي موٽرسائيڪل ڪاھي ويو آھي، جنھن بعد مان سموري حقيقت ٻڌائي ته شوروم مالڪ ھڪ ڏينھن تائين يرغمال ڪري رکڻ بعد حد جي نيوفوجداري پوليس جي حوالي ڪيو، پوليس پاران معاملي جي انڪوائري ڪرڻ بدران مون کان ڏيڍ لک رپيا روڪ رقم شوروم مالڪ کي ڏيارڻ بعد آزاد ڪيو.