شڪارپور ۾ “درياهه بچايو_سنڌ بچايو” مارچ: ڪئنالن وارو فيصلو واپس وٺڻ جو مطالبو

0
18
شڪارپور ۾ “درياهه بچايو_سنڌ بچايو” مارچ: ڪئنالن وارو فيصلو واپس وٺڻ جو مطالبو
شڪارپور ۾ “درياهه بچايو_سنڌ بچايو” مارچ: ڪئنالن وارو فيصلو واپس وٺڻ جو مطالبو

شڪارپور (رپورٽر) جماعت اسلامي طرفان شڪارپور ۾ چولستان سميت سنڌ درياءَ تي 6 نون ڪئنالن واري حڪومتي فيصلي خلاف ڄامڙا اسٽاپ کان پريس ڪلب تائين سنڌوءَ بچايو سنڌ بچايو پيرين پنڌ مارچ صوبائي امير ڪاشف سعيد شيخ، عبدالسميع ڀٽي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪڍيو ويو، 10 ڪلو ميٽرن تائين نڪتل مارچ ۾ نعري بازي ڪئي وئي،  اڳواڻن چيو ته پاڻي ڪنهن به ملڪ، خطي ۽ کنڊ ۾ رهندڙ جاندار شين  جي زندگيءَ جو اهم عنصر هوندو آهي،سنڌين جي جياپي جي ذريعي مٿان وڌيڪ ڪينال ڪڍي سڄي سنڌ کي “ ٿر” بڻائڻ جون سازشون ٿي رهيون آهن،  بدقسمتي سان 1947ع کان وٺي حڪمرانن ۽ اشرافيا سنڌ جو مختلف طريقن سان استحصال ڪيو آهي، پنجاب جي لکين ايڪڙ زمين کي آباد ڪرڻ لاءِ سنڌو درياهه مان 6 نوان ڪينال ٺاهڻ جو وفاقي حڪومت جو منصوبو سنڌ دشمن منصوبو آهي، جنهن کي سنڌ جو عوام رد ڪري ٿو. اسان ڪنهن به صوبي يا قوم جا مخالف ناهيون، پر هڪ صوبي کي فائدو پهچائڻ لاءِ ٻي صوبي جي حق تي ڌاڙو هڻڻ به غلط آهي، ڪوٽڙي بيراج کان هيٺ پاڻي نه ڇڏڻ جي ڪري اڄ ٺٽي ۽ بدين جون لکين ايڪڙ زمينون سمنڊ ڳڙڪائي وئي آهي جڏهن ته جنگلي جيوت ۽ آبي حيات به خطري ۾ آهي ۽ هزارين ماڻهو پنهنجا اباڻا ڪک ڇڏي لڏپلاڻ ڪرڻ تي مجبور ٿي پيا آهن. سنڌو درياهه تي وڌيڪ ڪينال ٺاهڻ سان سنڌ جون زمينون غيرآباد ٿينديون،  اڳواڻن چيو ته  جماعت اسلامي سنڌ دشمن منصوبن خلاف سڀني پارٽين سان  پارٽين سان گڏجي پُرامن  جدوجهد جاري رکندي.