شڪارپور (رپورٽر) سنڌ شيخ الائنس جي سڏ تي چيئرمين ايڊووڪيٽ آصف مير شيخ جي اڳواڻي ۾ شهر ۾ بدامني، گيس، بجلي جي لوڊشيڊنگ، ڪيميڪل واري کير جي وڪري ۽ شيخ برادري جي ماڻھن کي واپڊا جي مبينا ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ خلاف سنڌ شيخ الائونس آفيس کان پريس ڪلب تائين شيخ برادري جي سوين ماڻھن احتجاجي ريلي ڪڍي مظاھرو ڪيو ويو، احتجاجي ريلي شهر جي مختلف علائقن کان ٿيندي پريس ڪلب تي پهتي جتي واپڊا انتظاميا جي خلاف احتجاجي مظاھرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي وئي، ان موقعي تي سنڌ شيخ الائنس جي چيئرمين ايڊووڪيٽ آصف مير شيخ چيو ته  شڪارپور واپڊا جو ڪرپٽ عملو پنهنجا ڪڌا ڪم لڪائڻ جي ڪري شيخ برادري جي ماڻھن مٿان ڪنڊا ڪنيڪشن ۽ اوور بلنگ جون ڪوڙيون ايف آئي آرز داخل ڪرائي رهيو آهي، هن چيو ته ڇا صرف شيخ برادري جا ماڻھو بجلي جي چوري ۾ ملوث آهن. هن واپڊا عملدارن کي چتاءُ ڏيندي چيو ته شيخ برادري جا ماڻھو پڙهيل لکيل ۽ مهذب آهن اگر ڪنهن به ماڻھو مٿان داخل ٿين ڪيس ڪوڙو ثابت ٿيو ته اسان اوهان کي سپريم ڪورٽ تائين ڇڪينداسين، هن ايس ايس پي شڪارپور ۽ ڊي سي کان مطالبو ڪندي چيو ته فوري طور تي بدامني ختم ڪري شهرين جا مسئلا حل ڪيا وڃن، نه ته ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو، احتجاجي مظاهري کي عبدالرحمن شيخ، غلام ياسين حيدري، انس رحمان ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.