ڪراچي (رپورٽ: فقير سليم) سنڌ جي مڪاني ادارن واري وزير ناصر شاهه اعتراف ڪيو آهي ته ڪراچي جي 35 سيڪڙو آبادي ۾ پاڻي جي پائيپ لائين ئي وڇايل ناهي، ڪراچي کي روزاني گهرج کان 515 ملين گيلن گهٽ پاڻي ملي ٿو، جن علائقن ۾ پاڻي جي پائيپ لائين ناهي، اتي پڻ سمورن ماڻهن کي ٽينڪرن ذريعي پاڻي فراهم نه پيا ڪري سگهون، ڪراچي ۾ آبادي وڌي رهي آهي، انهي لاءِ پڻ منصوبا بندي ڪري رهيا آهيون، ڪالهه سنڌ اسيمبلي ۾ مختلف ميمبرن جي سوالن جا جواب ڏيڻ دوران صوبائي وزير ناصر حسين شاهه ۽ سوال پڇندڙ ميمبرن وچ ۾ دلچسپ جملن جي ڏي وٺ پڻ ٿيندي رهي، پي ٽي آءِ جي ايم پي اي خرم شيرزمان چيو ته ڪراچي واٽر بورڊ کي فوج جي حوالي ڇو نٿو ڪيو وڃي؟ جنهن تي صوبائي وزير چيو ته اهو سوال نٿو ٺهي، خرم شير زمان چيو ته پ پ 15 سالن کان حڪومت ۾ آهي، ڪي فور جو منصوبو 15 سالن کان مڪمل ناهي ٿيو، هاڻ پ پ حڪومت نه ايندي، ڪري ٻڌايو وڃي ته اوهان ورلڊ بينڪ کان ڪيترا پئسا ورتا آهن؟ جنهن تي صوبائي وزير چيو ته پ پ حڪومت وڌيڪ 15 سال رهندي، سنڌ جا ماڻهو هر ڀيري پ پ کي اڳ کان وڌيڪ ووٽ ڏين ٿا، ڪي فور منصوبي ۾ عمران حڪومت رڪاوٽ بڻيل هئي، هن وقت منصوبي تي ڪم جاري آهي، هن چيو ته يو سي چيئرمين جي چونڊ هارائيندڙ خرم شير کي سنڌ اسيمبلي ۾ ويهڻ نه گهرجي، باقي خرم شيرزمان پاڻ پاڻي جا ٽينڪر گهرائيندو رهي ٿو، شايد پنهنجي تڪ جي ماڻهن کي گهرائيندو هوندو،ايم پي اي شھريار مھر چيو ته مڪاني ادارن واري کاتي ۽ پبلڪ ھيلٿ ۾ ملازمن کي 25 هزار کان به گهٽ پگھار ڏني وڃي ٿي، شڪارپور ۾ ملازمن جي پگھارن مان 5000 رپيا ڪٽوتي ڪري پ پ جي جنرل سيڪريٽري کي ماهوار 25 لک رپيا ڏنا وڃن ٿا، انهي خلاف ڪهڙي ڪارروائي ڪئي ويندي؟ جنهن تي اسپيڪر صوبائي وزير سان مخاطب ٿيندي چيو ته ڪير پيو پگھارون ڪاٽي؟ رمضان المبارڪ پيو اچي، اهڙي آفيسر کي ھٽائي ٻيو آفيسر مقرر ڪريو، موٽ ۾ صوبائي وزير ناصر شاھه چيو ته اسانجي ڪوشش ڪئي آھي ته گهٽ ۾گهٽ پگهار تي عمل ٿئي، صدر زرداري چيو آهي ته 25 ھزار به گھٽ اجرت آھي، انهي کي وڌايو وڃي، باقي ڪٽوتي واري معاملي جي انڪوائري ڪرائينداسين. پي ٽي آءِ جي ايم پي اي سنجئه سوال پڇيو ته برساتي نالن جي صفائي بابت واٽر بورڊ ڪهڙا انتظام ڪيا آهن؟ جنهن تي ناصر شاهه چيو ته ڇڪتاڻ زمان پارڪ لاهور ۾ آهي پر وائڙا هتي ويٺل همراهه ٿي ويا آهن، نالن جي صفائي جو ڪم واٽر بورڊ جو ناهي، هڪ سوال جي جواب ۾ ناصر حسين شاهه چيو ته ڪراچي ۾ قبضا ڪندڙ همراهه ( حليم عادل) اڄ هتي موجود ناهي، قبضن بابت هن کي وڌيڪ خبر هجي ها، اسان ڪيترن ئي سرڪاري زمينن تان قبضا هٽايا آهن، انهي کان اڳ پري بجيٽ سيشن ۾ ڳالهائيندي صحت واري وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو چيو آهي ته صحت کاتي جي ساليااني بجيٽ 199 ارب هوندي اسان سيڪنڊري هيلٿ تي 53 ارب رپيا خرچ ڪيا آهن، 5 سالن جي ڪارڪردگي بيان ڪندي هن چيو ته او پي ڊيز ۾ 56 ملين مريض آيا آهن، 320 ملين مريضن جو علاج ڪيو آهي، 6 هزار 985 ڪڊني ٽرانسپلانٽ ڪيا آهن، جناح اسپتال ۾ سائبر نائيف جي سهولت موجود آهي، ٻن سالن کان پوليو ختم ٿي ويو آهي، سان وٽ افغانستان سميت ٻين صوبن جا ماڻهو اچڻ ڪري الرٽ رهون ٿا، هن چيو ته هاڻي ٻوڏ ايندي رهندي، انهي ڪري اهي صحت جون سهولتون هاءِ رسڪ ايريا ۾ موجود رهنديون، صوبي ۾ ايمبولينس سروس وڌايون پيا، ايندڙ پنجن سالن لاءِ به منصوبا بندي ڪئي آهي، صحت مرڪزن کي سولر انرجي فراهم ڪئي ويندي،هن چيو ته اسان وٽ هيپاٽائيٽس سي جا ڪيس وڌن پيا، پهريائنن قمبر ۾ اسڪريننگ ڪنداسين، جي ڊي اي جي شهريار مهر چيو ته هن ڀيري برساتن دوران آبپاشي کاتي جي نااهلي سامهون آئي، شڪارپور جو ڊرينيج نظام تباهه آهي، جنهن کي بهتر بڻايو وڃي، زراعت کاتو ڪو ڪم نٿو ڪري پر بجيٽ ۾ اربين روپيا خرچ ٿين ٿا، شڪارپور ۽ جيڪب آباد ۾ امن امان جي صورتحال بدتر آهي، ، پي ٽي آءِ جي بلال غفار چيو ته برساتي ٻوڏ کان اڳ 80 لک ٻار اسڪولن کان ٻاهر هئا، ٻوڏ بعد ڇا صورتحال آهي؟ اسان کي چيو ويو ته ڪراچي ۾ هڪ هزار بسون اينديون پر هتي رڳو 250 بسون پهتيون آهن ايم ڪيو ايم جي ناصر حسين قريشي چيو ته سنڌ حڪومت هر شي ءِ اين جي اوز حوالي ڪري ٿي ڇڏي، آخر حڪومت به اين جي او کي ڏئي ڇڏيو، صوبائي وزير ۽ مشير 36 ڪروڙ جو پيٽرول استعمال ڪن ٿا، ايوان ۾ قاسم فخري، خرم شيرزمان، نديم صديقي ۽ ٻين خطاب ڪيو.