شڪارپور(رپورٽر) شڪارپور پوليس پاران 5 ڏينھن اڳ اغوا ٿيل مغوي کي رات دير سان مقابلي بعد بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آھي. پوليس موجب ناپرڪوٽ ٿاڻي جي حد ۾ 5 ڏينهن اڳ انڊس هاءِ وي تان اغوا ٿيل پپو شيخ کي بازياب ڪرايو ويو آهي. اغوا ڪار مغوي کي ڳڙهي تيغو مان ٻئي هنڌ منتقل ڪري رهيا هئا ته پوليس ۽ ڌاڙيلن وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي. ڏوهاري مغوي کي ڇڏي فرار ٿي ويا. فرار ڏوهارين جي گرفتاريءَ لاءِ پوليس علائقي کي ڪڙو چاڙهي سرچ آپريشن ڪيو پيو وڃي. ھوڏانھن ذريعن کان معلوم ٿيو آھي ته مغوي کي ڏوھارين سان ڊيل بعد بازياب ڪرايو ويو آھي.