شڪارپور (رپورٽ: وحيد بروھي) شڪارپور ۾ امن امان تي ضابطو اچي نه سگھيو 2 ھفتا اڳ ٺل واسي مزدا ڊرائيور ضمير سرڪي کي رستم ويجھو ھٿياربندن اغوا ڪيو ھو جيڪو ھفتا گذري وڃڻ باوجود بازياب ناھي ٿي سگھيو، مغوي جي ڀاءَ عبدالستار سرڪي عورتن ٻارڙن ۽ گھر ڀاتين سان گڏجي ايس ايس پي آفيس آڏو احتجاج ڪيو، مغوي جي ڀاء عبدالستار سرڪي جو چوڻ ھو ته اسين تمام مسڪين آھيون، ڌاڙيلن اسان کان 50 لک ڀنگ طلب ڪيو آھي2 ھفتا گذري چڪا آھن پر شڪارپور پوليس مغوي جي بازيابي لاء ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو آھي، پوليس ۽ چڱا مڙس ڪا به مدد نه ڪري رھيا آھن انتھائي مسڪين آھيون، ھن چيو ته ايس ايس پي شڪارپور ڊي آء جي لاڙڪاڻو مغوي جي بازيابي لاء ڪردار ادا ڪري، ھوڏانھن شڪارپور ڀرسان ٽي ھفتا اڳ اغوا ٿي ويل نوجوان محسن جوڻيجو به بازياب ناھي ٿي سگھيو، جنھن جو گذريل ڏينھن ڌاڙيلن تشدد واري وڊيو وائرل ڪري ڇڏيو آھي، وڊيو ۾ نوجوان مٿان ڌاڙيل سخت تشدد ڪري رھيا آھن، ڌاڙيلن ڳوٺ حيات جوڻيجو واسي نوجوان محسن جوڻيجو کي ٽي ھفتا اڳ رائيس واھ ڀرسان اغوا ڪري کڻي ويا ھئا، ڏوھارين پاران نوجوان جي وارثن کان ڏيڍ ڪروڙ رپيا ڀنگ طلب ڪيو ويو ھو نه ڏيڻ جي صورت ۾ مارڻ جون ڌمڪيون به ڏنيون ھيون .