شڪارپور/رستم(نمائندن وٽان) شڪارپور پوليس پاران ٽي ڏينھن اڳ اغوا ڪيل 12 ورھين جي نينگر سھيل لاشاري کي رستم جي ڪچي مان بازياب ڪرائڻ جي دعوي ڪئي وئي آھي، رابطو ڪرڻ تي ايس ايچ او رستم قربان ککراڻي ٻڌايو ته ھٿياربند حملو ڪري خانپور ڀرسان رستم فيضو روڊ تان مزدا ڊرائيور لياقت لاشاري جي نينگر سھيل لاشاري کي اغوا ڪيو ھو، جنھن جو اطلاع مليو ته نينگر کي ھڪ ھنڌ کان ٻئي ھنڌ منتقل ڪري رھيا آھن، پوليس ڪارروائي ڪري نينگر کي بازياب ڪرايو، ڌاڙيل فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، ڏوھارين جي گرفتاري لاءِ شڪارپور پوليس ڪوشش ڪري رھي آھي، ياد رھي ته ٽي ڏينھن اڳ خانپور ڀرسان ڌاڙيل مزدا ڊرائيور لياقت لاشاري جي 12 ورھين جي معصوم پٽ کي اغوا ڪري کڻي ويا ھئا، جنھن بعد لاشاري برادري جي سوين ماڻھن انڊس ھاءِ وي روڊ بند ڪري معصوم ٻارڙي جي بازيابي لاءِ احتجاج ڪيو ھو.
غوثپور مان مبينا اغوا نينگر راڄوڻي ذريعي بازياب، مقابلي جي دعويٰ
غوثپور (ن پ ا) 6 ڏينھن اڳ شھر جي مکي پاڙي واسي مبينا اغوا ٿي ويل مظھر لغاري راڄوڻي ڪوششن ذريعي ۽ قرآن مھابي بازياب ٿي گھر پھچي ويو آھي، مغوي جي بازيابي بعد گھر ۾ خوشي جي لھر پکڙجي وئي آھي، ذريعن موجب مغوي جي بازيابي ھڪ ڏينھن اڳ ڪچي واري علائقي ۾ پاڪ ڪتاب گھمائڻ ۽ راڄوڻي ڪوششن ذريعي عمل ۾ آئي آھي، واضع رھي ڇھه ڏينھن اڳ اڻڄاتل ھٿياربند شھر جي مکي پاڙي واسي نينگر مظھر لغاري کي اغوا ڪري ويا ھئا، ٽي ڏينھن اڳ ڌاڙيلن پاران موبائل فون وسيلي مغوي جي وارثن کان سندس بازيابي لاءِ پنجاھ لک رپيا ڀنگ گھريو ويو ھو، جنھن کان پوءِ مغوي جي وارثن پاران مغوي نينگر جي بازيابي لاءِ ڪچي واري علائقن ۾ پاڪ ڪتاب گھمائي علائقي واسين کي مغوي جي بازيابي لاءِ اپيل پڻ ڪئي هئي، جڏھن ته ذريعن وٽان اھو معلوم ٿيو آھي ته ڌاڙيلن پاران راڄوڻي ڪوششن ۽ قرآن مھابي نينگر کي آزاد ڪيو ويو آھي، نينگر جي بازيابي بعد سندس گھر ۾ خوشي جي لھر پکڙجي وئي آھي، ٻئي طرف ڪشمور پوليس پاران مغوي کي مبينا مقابلي بعد بازياب ڪرائڻ جي دعوا ڪئي وئي آھي.
|
رتيديري جو مغوي نوجوان بازياب ٿي گهر پهچي ويو،وارثن جو جشن
رتوديرو (ن پ ا) رتوديرو لڳ ڳوٺ علي نواز کوکر جو رهواسي 24 ڏينهن اڳ نامعلوم هٿياربندن هٿان زنگيجا لاڙي وٽان اغوا ڪيل نوجوان ٽريڪٽر ڊرائيور محمد بخش کوکر ڌاڙيلن جي چنبي مان بازياب ٿي پنهنجي گهر پهچي ويو آهي نوجوان جي بازياب ٿيڻ تي سندس جي وارثن ۾ خوشي جي لهر ڇانئجي وئي آهي، ان سلسلي ۾ بازياب ٿيل نوجوان ميڊيا کي ٻڌايو ته جيڪب آباد واري علائقي آباد ٿاڻي واري حد ۾ ڏوهاري مون کي کڻي وڃي رهيا هئا ته اتان گذرندڙ پوليس موبائل کي ڏسي مان دانهون ڪيون، جنهن تي ڏوهاري مون کي ڇڏي فرار ٿي ويا، جنهن بعد اتان جي پوليس مون کي رتوديرو ٿاڻي تي پهچايو، هن چيو ته اسان بازيابي لاءِ ڪوبه ڀنگ ڪونه ڀريو آهي، رابطو ڪرڻ تي ڊي ايس پي رتوديرو ڊاڪٽر ظهور احمد سومرو ٻڌايو ته مغوي جي بازيابي لاءِ ڪجهه گرفتاريون ڪيون هيون، پوليس جي اهڙي دٻاءَ بعد مغوي کي جيڪب آباد ضلعي جي آباد ٿاڻي واري حد مان بازياب ڪرايو آهي.
|
ڪنڌڪوٽ پوليس پنجاب واسي کي اغوا ٿيڻ کان بچائي ورتو
ڪنڌڪوٽ(رپورٽر) ڪنڌڪوٽ اي سيڪشن پوليس ڪارروائي ڪندي پنجاب جي رهائشي نوجوان محمد ياسين کي ڪچي طرف وڃڻ کان روڪي اغوا ٿيڻ کان بچائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي پوليس موجب نوجوان کي عورتاڻي آواز تي هرکائي اغوا ڪرڻ جو منصوبو جوڙي رهيا هئا، جنهن کي پوليس ناڪام بڻائي نوجوان کي وارثن حوالي ڪري ڇڏيو. ٻئي طرف غوثپور مان 6 ڏينهن پهريان اغوا ٿي ويل نوجوان مزار علي کي پوليس پاران بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي. پوليس موجب دراني مهر جي ڪچي واري علائقي ۾ ڏوهارين سان مقابلي بعد نوجوان کي بازياب ڪرايو آهي، پوليس موجب ڏوهاري درياهه پار فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آهن، پوليس موجب ڏوهارين جي گرفتاري لاءِ پوليس ڪچي واري علائقي ۾ موجود آهي، جڏهن ته پوليس جي ٻنهي ڪاررواين ۾ ڪوبه ڏوهاري گرفتار نه ٿي سگهيو.
|