شڪارپور/خانپور (نمائندن وٽان) شڪارپور شھر ۾ مبينا پوليس مقابلو شڪي نڪتو، ايس ايس پي شڪارپور شاھزيب چاچڙ چار رڪني جاچ ڪاميٽي جوڙي ورتي،3 ڏينھن اڳ اسٽورٽ گنج ٿاڻي جي حد ڪڙي عطا محمد پاڙي ۾ مبينا مقابلي دوران مارجي ويل ٻن نوجوانن واري واقعي جي جاچ ٽن ڊي ايس پيز ۽ ھڪ اي ايس پي يوٽي تي مشتمل چار رڪني ڪاميٽي جوڙي ڇڏي،جاچ ڪاميٽي ڊي ايس پي ڳڙھي ياسين ظھور احمد سومرو جي سربراهي ۾ جوڙي وئي،چار رڪني ڪاميٽي جا ميمبر اي ايس پي يوٽي شڪارپور محمد صھيب امين،ڊي ايس پي لکي غلام شاھ محمد علي سومرو،ڊي ايس پي مدئيجي جاويد اقبال شيخ تي مشتمل ھوندي،ايس ايس پي شڪارپور جي آفيس مان جاري ڪيل پڌرائي مطابق ڪاميٽي مبينا پوليس مقابلي واري واقعي جي جاچ جي رپورٽ ڏھن ڏينھن اندر ايس ايس پي شڪارپور وٽ جمع ڪرائيندي،ياد رھي ته ٽي ڏينھن اڳ شڪارپور شھر جي ڪڙي عطا محمد پاڙي ۾ مبينا پوليس مقابلي دوران خانپور واسي نوجوان مرتضيٰ جتوئي ۽ امجد لھر مارجي ويا ھئا ۽ اصغر گھراڻي جتوئي کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو ھو.ٻي طرف مقابلي ۾ مارجي ويل ڏھين ڪلاس جي شاگرد مرتضيٰ جتوئي ۽ پورھيت امجد لھر جي وارثن چيو ته اسان جا نوجوان ڏوھاري ناھن، ھو عيد جي خريداري ڪرڻ لاءِ شڪارپور ويل ھئا، شڪارپور پوليس ڪوڙو مقابلو ڏيکاري اسان جا نوجوان ماريا آھن،ٻئي طرف پوليس مقابلي ۾ مبينا مارجي ويل ٻن جوانن مرتضي جتوئي جي ٽيجھي جي دعا ڳوٺ فريد جتوئي ۾ ٿي جڏھن ته امجد لھر جي ٽيجھي جي دعا خانپور شھر جي پراڻو برف ڪارخانو محلي ۾ ٿي.