شڪارپور (رپورٽر) شڪارپور پوليس شادي تي هرکجي ڪچي پهتل نوجوان کي اغوا ٿيڻ کان بچائي ورتو، پوليس موجب ڌاڙيلن ضلعي گھوٽڪي جي رهواسي عورتاڻي آواز تي ھرکجي آيل نوجوان کي شادي جو آسرو ڏئي گهرائي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن کي بچايو ويو آهي، پوليس موجب ڳوٺ حاجي محمد رمضان واسي 30 ورھين جي عبدالرئوف پٽ منظور لغاريءَ کي عورتاڻي آواز تي هرکائي شادي جو آسرو ڏئي ڌاڙيلن گهرايو، جنهن کي اغوا ٿيڻ کان بچايو ويو آهي، ان سلسلي ۾ اغوا کان بچي ويل نوجوان پوليس کي ٻڌايو ته فون تي ٻن مهينن کان ثمينا ميراڻي نالي عورت ڳالهائيندي هئي، جنهن سان دوستي ٿي وئي، هن ٻڌايو ته ثمينا شادي جو آسرو ڏئي ملڻ تي مجبور ڪيو، جنهن بعد آنءُ هتي پهتس ته پوليس بچائي ورتو.