شڪارپور (رپورٽر) شڪارپور جي دھشتگردي ٽوڙ عدالت پوليس تي حملي جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدار کي عمر قيد ۽ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي، تفصيل موجب شڪارپور جي اي ٽي سي جج محمد ھاشم سومرو جي عدالت جوابدار سائين بخش عرف ملنگ تيغاڻي کي پوليس حملي جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي  25 سال ۽ ڌار 10 سال قيد، 9 لک رپيا ڏنڊ ۽ ملڪيت ضبط ڪرڻ جي سزا ٻڌائي ڇڏي، جوابدار 2 سال اڳ ناپر ڪوٽ ٿاڻي جي حد ڪچي واري علائقي ۾ پوليس اھلڪار واحد بخش ڀٽو کي قتل ڪيو ھو، پوليس مٿان حملي ڪرڻ جو ڪيس ناپر ڪوٽ ٿاڻي تي 25 ڄڻن مٿان دھشتگردي ايڪٽ تحت سرڪاري فرياد تي داخل ڪيو ويو ھو، جوابدارن مان ھڪ جوابدار گرفتار ھو، جنھن کي عدالت سزا ٻڌائي، جڏھن ته 24 جوابدار لاڏو، سکيو، ياسين، يعقوب، ٻيلو، اسماعيل، جبار، خيرو، فريد تيغاڻي، سڪندر، نثار سبزوئي ۽ ٻيا روپوش آهن، سزا بعد جوابدار کي شڪارپور جيل منتقل ڪيو ويو.