شڪارپور (رپورٽر) شڪارپور پوليس ٽن مغوين کي مبينا مقابلي ۾ بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، پوليس موجب ڪوٽ شاھو جي ڪچي ۾ ڪارروائي دوران حيدر آباد واسي گلاب مڱريو، سندس پٽ ناجد مڱريو ۽ ڄامشوري واسي اڪبر سولنگي کي بازياب ڪرايو ويو، پوليس موجب ڄامشوري واسي پڪوان سينٽر تي ڪم ڪندڙ ٽئي ڄڻا ٽي ھفتا اڳ ڪچي ۾ دعوت جون ديڳيون پچائڻ لاءِ دوکي سان گھرائي اغوا ڪيا ويا هئا، هوڏانهن پوليس موجب 10 لک انعام يافتا جوابدار ابراھيم مارفاڻي کي ننڍي بيگاري وٽان سنيپ چيڪنگ دوران گرفتار ڪيو ويو.