شڪارپور (رپورٽر) شڪارپور شھر جي سبزي منڊي واري علائقي مان ٽڪ ٽاڪر نوجوان عبد السميع ڀٽو جو گوليون لڳل لاش کي وارثن کڻي باءِ پاس وٽ رکي ٽائر ساڙي احتجاج ڪيو، نوجوان جي وارثن مختيار احمد، نويد احمد ڀٽو، عبدالستار ڀٽو ۽ ٻين ميڊيا اڏو دانھيندي چيو ته سندن نوجوان کي قتل ڪيو ويو آھي، پوليس جوابدارن خلاف ڪيس داخل نه پئي ڪري، ھنن چيو ته علي زيب ڪلوڙ جي اوطاق تان نوجوان جو گولي لڳل لاش ھٿ ڪيو ويو، علي زيب ڪلوڙ ۽ خليل پٺاڻ اسان جي نوجوان کي گھرائي قتل ڪيو آھي،20 ڪلاڪ گذري وڃڻ باوجود پوليس ايف آءِ آر داخل ناهي ڪئي، بعد ۾ ايس ايچ او اسٽورٽ گنج جي خاطري بعد احتجاج ختم ڪري روڊ کوليو ويو، پوليس ٻڌايو ته واقعي بعد موجود ڪجھه شڪي ماڻھو گرفتار ڪيا آھن، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي، ياد رھي ته گذريل رات سبزي منڊي واري علائقي مان اوطاق مان نوجوان ٽڪ ٽاڪر عبدالسميع ڀٽو جو گولي لڳل لاش ھٿ ڪيو ويو ھو.