شڪارپور (رپورٽر) شڪارپور جي نيوفوجداري ٿاڻي جي حد ڳوٺ جنو شريف ۾ موبائل فون تي ڳالھائڻ جي شڪ تي ٻن نارين مٿان ڪارنھن جي تھمت مڙھي وئي، ھڪ ناري گوليون ھڻي بيدرديءَ سان قتل جڏھن ھڪ ناري کي مائٽن بچائي ورتو، پوليس مطابق ڳوٺ جنو ۾ 18 سالن جي ناري انيلا ڌيءَ عبدالغني ڀٽو کي ڪارنھن الزام ۾ سؤٽ ذوالفقار ڀٽو گوليون ھڻي قتل ڪري ڇڏيو، جڏھن ته ڪارنھن الزام هيٺ آيل ٻي ناري کي مائٽن ۽ پوليس قتل ٿيڻ کان بچائي ورتو آھي، جنھن جو نالو معلوم نه ٿي سگھيو آھي، پوليس مطابق موبائيل فون تي ڳالھائڻ تان ٻن نوجوان نارين مٿان ڪارنھن الزام لڳايو ويو جن مان ھڪ نوجوان ناري کي ڪارنھن الزام ۾ پنھنجي سؤٽ قتل ڪيو آھي جيڪو جوابدار فرار ٿي چڪو آھي جنھن جي ڳولا ڪئي پئي وڃي، ٻئي پاسي مقتول ناري جي لاش کي ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو آھي، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگھيو ھو.