شڪارپور (رپورٽر) شڪارپور جي ڪچي واري علائقي ڪوٽ شاهو ٿاڻي جي ڏڪ بند ويجهو سنڌو درياهه مان مڇي مارڻ دوران زنجيرن سان جڪڙيل ٻن نامعلوم ماڻهن جا لاش مڇيرن کي هٿ اچڻ بعد لاشن کي هٿ ڪرڻ لاءِ مقامي پوليس کي اطلاع ڪيو ليڪن پوليس لاش هٿ ڪرڻ لاءِ تيار نه هئڻ ڪري مقامي ڳوٺاڻن ٻنهي ماڻهن جا لاش مڇيرن جي مدد سان امانت طور دفن ڪري ڇڏيا آهن هوڏانهن ايس ايس پي شڪارپور جي ترجمان پاران بيان جاري ڪيو ويو آهي ته ٻن ڄڻن جي لاش ملڻ واري خبر جي ڪائي تصديق نه ٿي سگهي آهي، هوڏانهن انتهائي اعتبار جوڳن ذريعن جو چوڻ آهي ڳوٺاڻن لاش هٿ اچڻ بعد حد ٿاڻي جي پوليس کي اطلاع ڪيو ويو هو پر پوليس ڏوهارين خلاف آپريشن هلندڙ هئڻ ڪري لاش هٿ ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪئي، ٻئي طرف ڪچي واري علائقي مان ٻن ڄڻن جا زنجيرن سان ٻڌل لاش هٿ اچڻ تي علائقي ۾ خوف پکڙجي ويو .