ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي پوليس پاران شڪارپور واسي ڪار لفٽر راڻي سومري کي مقابلي ۾ مارڻ جي دعويٰ، ايس ايس پي بشير بروهي موجب قصبه ڪالوني ۾ پراچا قبرستان وٽ اي وي ايل سي پوليس شڪ جي بنياد تي جوابدار کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي، جوابدار پوليس مٿان فائرنگ ڪري ڏني، جوابي فائرنگ ۾ راڻو سومرو مارجي ويو. جوابدار جي قبضي مان پسٽل ۽ ڦر ڪيل ڪرولا ڪار هٿ آئي ، جوابدار اڳ به گرفتار ٿيو هو، سندس خلاف مختلف ٿاڻن تي 8 ڪيس داخل ٿيل آهن.