ڪنڌڪوٽ: شڪارپور واسي پيرسن جوڙو ڪنڌڪوٽ ڌرڻي ۾ پٽ جي بازيابي جي آس کڻي پهتا پر ڌرڻو ختم ٿيڻ سبب سندن اميدن تي پاڻي فري ويو، شڪارپور واسي علي گل کهڙو کي ڌاڙيل 2 مهينا اڳ اغوا ڪيو هو، ڌرڻي جو ٻڌي مغوي جا والدين ڌڻي بخش ۽ امڙ مسمات بشيران ڪنڌڪوٽ ڌرڻي ۾ پهتا، جتي ڌرڻي جي اڳواڻن انتظاميا سان ڳالهين دوران مغوي علي گل جي آزادي جو مطالبو نه رکيو ۽ ڌرڻو ختم ڪري ڇڏيو، مغوي جي امڙ بشيران جو چوڻ هو ته مون کي ڊي سي ۽ ڌرڻي جي اڳواڻن چيو ته اوهان جو پٽ بازياب ٿيندو پر هتي ڌرڻي ۾ اڳواڻن منهنجي پٽ لاءِ ڪجهه به نه ڳالهايو،آءُ هتي قرآن پاڪ گڏ کڻي آيس پر منهنجي ڪنهن به وارثي نه ڪئي.