شڪارپور (رپورٽر) شڪارپور شھر جي رستم روڊ واسي پورھيت محمد علي سنجراڻي 8 ڏينهن گذري وڃڻ باوجود بازياب نه ٿي سگهيو آهي، مغوي پورھيت جي وارث عورتن ۽ معصوم ٻارڙن ڪلام پاڪ کڻي مغوي جي بازيابي لاءِ احتجاجي مظاھرو ڪيو، مغوي جي وارثن چيو ته اسان جو نوجوان محمد علي سنجراڻي تنگواڻي ساريون خريد ڪرڻ ويو ھو جنھن کي غوثپور ويجھو ڌاڙيلن اغوا ڪري کڻي ويا آھن، ھڪ ڪروڙ رپيا ڀنگ طلب ڪئي وئي آهي، غريب آهيون، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي مغوي کي بازياب ڪرايو وڃي.