شڪارپور (رپورٽر) شڪارپور جي عدالت 5 ڪلو چرس رکڻ جي ڪيس ۾ ڏوهه ثابت ٿيڻ تي 2 جوابدارن کي 14 سال قيد ۽ 4 لک ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي، تفصيل موجب فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج طارق ڀٽي جي عدالت 2 جوابدارن عاشق علي ڪلر ۽ ارشاد علي ڪلر کي چرس رکڻ جو ڏوھ ثابت ٿيڻ تي 14 سال قيد ۽ 4 لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي، جوابدارن کي هڪ سال اڳ ڊکڻ ٿاڻي جي حد مان گرفتار ڪري 5 ڪلو چرس هٿ ڪيو ويو هو، جوابدار کي سزا ٻڌائڻ بعد سينٽرل جيل سکر منتقل ڪيو ويو.