شڪارپور(رپورٽ: وحيد بروھي) شڪارپور جي لکيدر ٿاڻي جي حد الف شاھ شھيد ٻرڙا ڪالوني مان 3 ڏينھن اڳ گم ڄاڻايل معصوم ٻارڙي مھربان پٽ عبدالخالق ڀٽي جي اغوا جي وارثن تصديق ڪئي آهي. معصوم ٻارڙي مھربان جي والد عبدالخالق ڀٽي لکيدر ٿاڻي تي پھچي پوليس کي اطلاع ڏنو، وارثن جو چوڻ ھو ته 8 ورھين جو مهربان ڀٽي ٽي ڏينهن اڳ گهران نڪرڻ بعد لاپتا ٿيو، ڌاڙيلن فون ڪري50 لک ڀنگ گهريو آهي. ھوڏانھن شڪارپور ۾ وڌنڌڙ بدامني ۽ سنڌ مان اغوا ٿي ويلن جي بازيابي لاءِٰ جيئي سنڌ محاذ پاران عمران منگي، اسلام لھر، اسد سومرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ لکيدر گهنٽا گهر چوڪ تي ڌرڻو ھنيو ويو، ان موقعي تي اڳواڻن ميان ظفر علي علوي، اعجاز ڪاڪيپوٽو، اصغر علي پهوڙ، نظام انقلابي، عبدالحليم مهر، گلاب جعفري ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو تہ شڪارپور ضلعي ۾ ڌاڙيل راڄ قائم ٿيل آھي، ڪو ڏينھن ناھي جو اغوا، ڦر، ڌاڙن جو ڪو واقعو پيش نه ٿئي ھنن چيو ته شڪارپور شهر جا 13 مغوي جنهن ۾ 8 سالن جو معصوم مهربان ڀٽي به شامل آھي ڌاڙيلن جي چنبي ۾ آهن. ٻئي طرف ڏوھارين پاران ڪال ڪرڻ باوجود ايس ايس پي شڪارپور اھو موقف اختيار ڪيو ته نينگر اغوا نه پر گم ٿي ويو آھي، پوليس ڳولا ڪري رهي آھي، ھن 50 لک ڀنگ واري خبر کي به بي بنياد قرار ڏيئي چيو ته مون پاڻ وارثن کي پاڻ ٿاڻي تي گهرايو هو، معلومات ورتي آھي، ٻارڙي مھرباني ڀٽي کي جلد ھٿ ڪيو ويندو.