ٺل واسي مغوي مزدا ڊرائيور جي وارثن کان ڌاڙيلن 50 لک رپيا ڀنگ گهري ورتو، 14ڏينهن اڳ مزدا ڊرائيور ضمير سرڪي کي شڪارپور ڀرسان اغوا ڪيو هو، ڌاڙيلن مغوي جي ڀاءُ سان فون تي رابطو ڪري 50 لک رپيا ڀُنگ گهريو، ڌاڙيلن ۽ مغوي جي ڀاءُ وچ ۾ ٿيل ڳالهه ٻولهه واري آڊيو ڪال رڪارڊنگ ٽائيم نيوز هٿ ڪري ورتي، ڌاڙيل مغوي جي ڀاءُ کي ڌمڪي ڏني ته پنجن ڏينهن اندر 50 لک رپيا نه ڏنا ويا ته مغوي کي قتل ڪري لاش اڇلائي ڇڏينداسين، مغوي جي ڀاءُ عبدالغفار سرڪي چيو ته اسان غريب آهيون، گهر ۾ کائڻ لاءِ ڪجهه ناهي، 50 لک رپيا ڪٿان آڻيون ؟