شڪارپور/رستم(نمائندن وٽان) رستم ويجھو ڪوٽ شاھو جي ڪچي مان شڪارپور واسي معصوم نينگر انس پٽ ڪامران ٿھيم بازياب ٿي ويو آھي، اھڙي واقعي جي وارثن ۽ پوليس پاران تصديق ڪئي وئي، نينگر کي عيد جي ٻئي ڏينھن تي ڏينھن ڏٺي جو ڏيڍ وڳي جو موٽرسائيڪل سوار ٻه ھٿياربند شڪارپور شھر جي اسٽورٽ گنج ٿاڻي جي حد ۾ واقع گھر ٻاھران اغوا ڪري ويا ھئا، جنھن کي پڻ شڪارپور پوليس پاران ڪوٽ شاھو جي ڪچي مان ذريعن مطابق راڄوڻي ڪوشش ذريعي بازياب ڪرائي ورتو آھي، ٻئي طرف مغوي نينگر جي وارثن توڙي مقامي پوليس پاران اھڙي تصديق ڪئي وئي آھي ته نينگر بازياب ٿي ويو آھي، ان حوالي سان ايس ايس پي شڪارپور جو چوڻ هو ته نينگر انس کي ٺل واري علائقي مان بازياب ڪرايو ويو آهي.