شڪارپور (رپورٽر) شڪارپور مان مبينا اغوا ٿي ويل بلوچستان واسي جلال بروھي بازياب نه ٿي سگھيو،  ڌاڙيلن مغوي جي وارثن کي ڪال ڪري 20 لک رپيا ڀنگ طلب ڪيو آهي، 20 ڏينھن اڳ خانپور تعلقي ۾ مائٽن وٽ آيل گھمڻ آيل  بلوچستان قلات واسي جلال خان بروھي کي ڌاڙيل اغوا ڪري ويا هئا، جنهن کي پوليس اڃا تائين بازياب نه ڪرائي سگهي آهي، ان ڏس ۾ مير عنايت بروھي جو چوڻ آهي ته پوليس مغوي جي بازيابي لاءِ ڪجهه ناهي ڪيو، هن مطالبو ڪيو ته مغوي کي بازياب ڪرايو وڃي.